اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي  پارليامينٽيرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري ايل اين جي جي خريداري ۾ 83 ارب رپين جي نقصان کي حڪومتي ڪرپشن جو داستان قرار ڏيندي چيو آهي ته نااهل عمران خان ايل اين جي مامري کي لٽمار جو ذريعو بڻائي رکيو آهي، هن چيو ته عمران خان 2 رخي بلا آهي، هڪ رخ ڪرپشن جو روئڻ ۽ ٻيو رخ ڦرلٽ ڪرڻ آهي، هن چيو ته عمران خان کي معلوم آهي ته هو ٻيهر اقتدار ۾ نه ٿو اچي سگهي، پيپلزپارٽي جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته گذريل 20 ڏينهن ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمتن ۾ 30 رپيا اضافو ٿيو آهي، اٽي جي قيمتن ۾ اضافو حڪومتي نااهلي ۽ بدانتظامي سبب ٿيو آهي، حڪومت فوري طور تي اٽي جي قيمتن ۾ اضافو واپس وٺي، پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر مهرين ڀٽو پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي ته هن حڪومت مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ملڪ جي زراعت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي.