اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم پاران اپوزيشن ليڊر کي خط  لکي نالا تجويز ڪيا ويا هئا پر اڃا تائين ان جو جواب ناهي مليو، نه ئي ڪي نالا تجويز ڪري اماڻيا ويا آهن، هن چيو ته معلوم ٿيو آهي ته ن ليگ جي اڳواڻن تي ٻڌل ڪاميٽي ان حوالي سان ٺاهي وئي آهي، اميد ڪريون ٿا ته ميمبرن جي مقرري لاءِ مقرر مدت تحت ڪم مڪمل ٿي ويندو، ن ليگ وزيراعظم جي نالن تي اتفاق نه ڪيو ۽ پنهنجا نالا تجويز ڪيا ته پوءِ اهو مامرو ڪاميٽي ڏانهن ويندو. ذريعن موجب وزيراعظم توڙي اپوزيشن ليڊر جي تجويز ڪيل نالن کي غور ۽ منظوري لاءِ مامرو پارلياماني ڪاميٽي کي اماڻيو ويندو، ڪاميٽي اڪثريت راءِ سان به فيصلو ڪندي ۾ 6 حڪومت ۽ 6 مخالف ڌر جا ميمبر هوندا.