عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

0
35
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

غير يقيني، افواهن جي طوفانن ۽ التوا جي مطالبن ۽ فرار جي ڪوششن جي باوجود ملڪ ۾ عام چونڊون تڪميل تي پهتيون. اهي چونڊون به اهڙي ئي نموني ٿيون، جيئن هن کان اڳ هر ڀيري ٿينديون رهيون آهن. اهي ئي جهيڙا، جهڳڙا، فائرنگ، ڏهڪاءُ. ڪيترن ئي هنڌن تي ڪُجهه وقت لاءِ پولنگ بند ٿي وئي. ڪُجهه هنڌن تي پولنگ جو عمل دير سان شروع ٿيڻ جون خبرون پڻ رپورٽ ٿيون. چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا وڏا واقعا ٿيا پر مجموعي طور تي چونڊون بهتر ماحول ۾ ٿيون. گهڻي مشڪل، حڪومت طرفان موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ٿيڻ جي ڪري پيش آئي. ان سان ڪيترن ئي سوالن جنم ورتو آهي. آخر حڪومت کي اليڪشن واري ڏهاڙي تي موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ به موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند رکڻ جو آخر ڪهڙو جواز آهي؟

اهي قوتون، جمهوريت جي نالي وٺڻ سان ئي جن جي طبيعت خراب ٿي ويندي آهي، جمهوري عمل کان خائف ۽ خوفزده انهن قوتن جي ڪالهه طبيعت وڌيڪ خراب ٿي هوندي ۽ اهي مايوسين جي تحت الثريٰ ۾ هونديون، جن آخري گهڙيءَ تائين ان خواهش مان هٿ نه ڪڍيا ته، جمهوريت جو تسلسل برقرار نه رهي پر کين ناڪامي نصيب ٿي. اها الڳ ڳالهه آهي ته، جيڪي چونڊون پنجن سالن ۾ ٿيڻ گهرجن ها، اهي لڳ ڀڳ ڇهن سالن کانپوءِ ٿيون آهن ۽ اُميد ٿي ڪجي ته، انهن جي نتيجي ۾ جٽادار حڪومت قائم ٿيندي، جيڪا هن ملڪ کي بحرانن جي ڌُٻڻ مان ڪڍندي. نئين چونڊيل حڪومت صرف اُن ئي صُورت ۾ ڪامياب ويندي ۽ هن ملڪ جي ٻيڙي، جيڪا بحرانن جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل آهي، اُن وقت ئي ڪناري سان لڳي سگهي ٿي، جڏهن حڪومت وٽ معاشي ماهرن جي هڪ سُٺي ٽيم هوندي. اڳ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته، عالمي مالياتي ادارن کان معاشي ماهر امپورٽ ڪيا ويندا آهن، جيڪي انهن ئي ادارن جي گماشتن وارو ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ انهن جي مجموعي ڪردار کي ڀٽائي سرڪار جي ان هڪڙي سِٽَ وسيلي ظاهر ڪري سگهجي ٿو ته، ”ڏيئي ڏَنڀَ ڏَڏن، پاڻان ڏِيل ڏُکوئيو“. هن ملڪ جو بنيادي مسئلو ئي معاشي آهي. ٻيو ته هتي چونڊيل نمائندن/حڪومتن کي اقتدار ته ملندو رهيو آهي پر اختيار جون واڳون ڪن ٻين مرڪزن جي وس هونديون آهن. ان ڪري ئي گهڻا مسئلا ٿيندا آهن. ان معاملي تي انتهائي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ جي ضرورت آهي. هاڻي هن ملڪ تي ڪنهن به تجربي جي گُنجائش نه آهي ۽ مُلڪ ڪنهن ٻئي سانحي جو متحمل نٿو ٿي سگهي.

ڪالهه گهڻي پريشاني مُلڪ ۾ موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ جي بندش سبب ٿي. ان کان اڳ ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) اهو اعلان ڪيو هو ته، اليڪشن واري ڏهاڙي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند نه ٿيندي. سڌ سماءَ جي وفاقي نگران وزير مرتضيٰ سولنگي به ماڻهن کي اطمينان ڏياريو هو ته، حڪومت طرفان اليڪشن ڏهاڙي تي موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جي ڪا گائيڊ لائين ناهي ڏني وئي، پر پوءِ اليڪشن واري ڏهاڙي تي صُبح کان ئي اهي سروسز بند ڪيون ويون. سوال اهو آهي ته، آخر انهن سروسز جي بندش جو فيصلو اختيار جي ڪهڙي مرڪز ۽ محور تي ٿيو؟ اهڙي عمل سان چونڊن جي شفافيت تي آڱريون کڻڻ جا موقعا ڏنا ويا ۽ ووٽرن توڙي اليڪشن عملي جي ڏُکيائين ۾ پڻ اضافو ٿيو. موبائيل فون سروس ۽ انٽرنيٽ بحال ڪرڻ جي گُهر پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان به ڪئي وئي، گڏوگڏ جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي ڌُرين به اهڙي گُهر ڪئي. ايتريقدر جو هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) طرفان به نيٽ ورڪ جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو پر هِي سِٽون لکجڻ تائين نيٽ ورڪ جي بحالي عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

عام چونڊن جي جمهوري عمل جي تڪميل تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، لاڳاپيل ادارن ۽ اختيارين جي ڪوششن کي اسان ساراهيون ٿا. گڏوگڏ اها گُذارش ڪرڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته چونڊ نتيجن جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. جيترو ممڪن ٿي سگهي، اقتدار جي امانت عوام جي چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪئي وڃي.