2024ع جون چونڊون ۽ جمهوريت تي آيل ‘خرچ’

0
28
2024ع جون چونڊون ۽ جمهوريت تي آيل ‘خرچ’

 ڪالهه ملڪ ۾ عام چونڊن وارو عمل مڪمل ٿي ويو ۽ انهن جي نتيجي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڌر کي پنجن سالن جي لاءِ اقتدار جي مسند حوالي ڪئي ويندي. انهن چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ دهشتگرديءَ جا ٻه وڏا واقعا خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ٿيا، جن ۾ مجموعي طور تي 30 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ان کانسواءِ ڪراچي ۾ به هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ پڻ ڪيترائي ماڻهو حياتين کان محروم ٿي ويا. هيءَ اها قيمت آهي، جيڪا جمهوريت لاءِ چڪائي وئي آهي. هونئن به جمهوريت تي اڳ ۾ ئي جمهوريت پسند ڌرين ۽ هتي جي عوام جو گهڻو “خرچ” ايندو رهيو آهي.

                 ڪالهوڪيون چونڊون شروع ٿيڻ سان ئي سوالن جي نشاني تي رهيون. ٿيو ايئن جو موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ کي بند ڪيو ويو، جنهن جي ڪري تمام گهڻيون پيچيدگيون پيش آيون. پهرين ته حڪومت طرفان اهي اعلان ڪيا ويا ته موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ کي بند نه ڪيو ويندو پر پوءِ اوچتو ئي بندش وجهي چونڊ واري عمل تي سوال اٿارڻ جا موقعا پيدا ڪيا ويا. سڄي دنيا جون نگاهون هن ملڪ جي چونڊن تي آهن. عمران خان واري معاملي کانپوءِ اسان دنيا جي ڌيان تي آهيون. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي باوجود به انهن چونڊن جي حوالي سان انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند ڪرڻ واري تدبر کان خالي فيصلي جي ڪري ڪئين سوال اٿارڻ جا موقعا ڏنا ويا. هن وقت عمران خان ۽ ان جي پارٽي کي ته ڪنهن معاملي کي تڪراري بنائڻ جو موقعو گهرجي ۽ اهي ففٿ جنريشن وار جا تربيت يافته سپاهي آهن ۽ حڪومت طرفان انٽرنيٽ واري بندش جي ڪري اهي چونڊن کي تڪراري بنائڻ لاءِ پنهنجون پوريون توانائيون استعمال ڪندا. انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جي بندش سان خود اليڪشن واري عمل ۾ به پيچيدگيون پيش آيون. اليڪشن ڪميشن طرفان ووٽرن جي سهولت لاءِ هڪ سروس شروع ڪئي وئي هئي ۽ ووٽر 8300 تي پنهنجو ڪمپيوٽرائزڊ شناختي ڪارڊ نمبر ايس ايم ايس ذريعي موڪلي پنهنجي ووٽ جا تفصيل حاصل ڪري سگهندو هو. ان ايس ايم ايس جي جواب ۾ ووٽر نمبر، گهراڻو نمبر، پولنگ اسٽيشن نمبر ۽ پولنگ بوٿ نمبر جي ڄاڻ ڏني ويندي هئي پر ڪالهه انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس جي بندش جي ڪري ماڻهو دربدر ٿيندا رهيا ۽ انهن کي پنهنجي پولنگ اسٽيشن کي ڳولڻ ۾ پڻ ڏکيائي پيش آئي. گهڻن ماڻهن ته اڳواٽ ئي ڄاڻايل نمبر تي ايس ايم ايس ڪري پنهنجا تفصيل حاصل ڪري ورتا هئا پر ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن جي گهڻائي اهي تفصيل حاصل نه ڪري سگهي هئي ۽ اليڪشن واري ڏينهن انٽرنيٽ بند ڪري انهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون. صرف اهو ئي نه پر، جيڪي ماڻهو ميڊيا سان لاڳاپيل آهن، انهن کي به پنهنجن ادارن کي رپورٽ ڪرڻ ۾ به مشڪلات پيش آيون ۽ اها ادارا، جيڪي اليڪشن کي مانيٽر ڪري رهيا آهن، انهن جي نمائندن کي به پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. توڙي جو موبائل فون سروس ۽ انٽرنيٽ جي بندش جو جواز دهشتگرديءَ کي روڪڻ ٻڌايو ويو پر ان سان جيڪو ٻيو نقصان ٿيو، ان جي ڪٿ نه ڪئي وئي. ظاهر آهي ته انٽرنيٽ جي بندش جي ڪري ماڻهن جي معلومات تائين رسائي نه ٿي سگهي ۽ ان جو ٽرن آئوٽ تي اثر پوڻ پڻ فطري هو. گڏوگڏ ڌانڌليءَ جي الزامن کي پڻ بنياد فراهم ڪيا ويا. جڏهن نتيجن تي ئي سوال اٿڻ شروع ٿي وڃن ته انهن چونڊ نتيجن تي جڙندڙ حڪومت به سوالن هيٺ رهندي ۽ ان تي به آڱريون کڄنديون.

اليڪشن جي مختلف تڪن ۾ اهي ڳالهيون مشاهدي ۾ آيون ته پولنگ عملي جي بهتر نموني تربيت نه ڪئي وئي هئي، جنهن جي ڪري مونجهارا پيش اچي رهيا هئا. اهي پڻ خبرون آهن ته، لاهور جو تڪ اين اي-127، جيڪو انتهائي اهم تڪ هو، ان تڪ تان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ۾ بيٺل هو پر ان تڪ جي سمن آباد لاهور واري پولنگ اسٽيشن تي نه پيپلز پارٽي جي ڪا اليڪشن ڪئمپ هئي ۽ نه ئي وري پولنگ ايجنٽ، جنهن مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ جي ان اهم تڪ ۾ به دلچسپي گهٽ رهي. جيڪڏهن اليڪشن ڪئمپ هجي ها، ان ۾ ٿورڙا ماڻهو ئي موجود هجن ها پر اتي پنهنجي سياسي وجود جي ثابتي ڏيڻ ضروري هئي. جڏهن ان اهم تڪ جي اها حالت آهي ته پنجاب جي ٻين تڪن ۾، جتان پيپلز پارٽي جا اميدوار بيٺا آهن، اتي پيپلز پارٽيءَ جي دلچسپيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اليڪشن ورڪ دوران ميان نواز شريف پنجاب تائين محدود رهيو ۽ هن جهڙي ريت سنڌ کي نظر انداز ڪيو، ساڳئي نموني پيپلز پارٽيءَ طرفان پنجاب ۾ دلچسپي نه وٺي ايئن ڪيو ويو آهي. توڙي جو بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ پنهنجي سياسي سرگرمين ۾ سٺي تيزي آندي پر اليڪشن واري ڏينهن گهڻي ماٺار ڇانيل رهي.

اليڪشن وارو ڏينهن ان ڪري ئي تمام گهڻو اهم هوندو آهي جو ان ڏينهن تي عوام ووٽ جي پرچيءَ ذريعي پنجن سالن لاءِ حڪمرانيءَ جو حق ڏيندو آهي. پنهنجي ووٽ جي صحيح استعمال سان عوام اهو طئي ڪندو آهي ته پنجن سالن تائين ان تي حڪمراني ڪندڙ ڪهڙا هجڻ گهرجن ۽ انهن جون پاليسيون ڪهڙيون هجڻ گهرجن پر جڏهن لوڀ لالچي تي، بريانيءَ جي پليٽ تي يا ڪجهه ڏوڪڙن تي ووٽر پنهنجو ووٽ ڏيڻ لڳي ته ان سان هڪ ته ووٽ جو تقدس پائمال ٿئي ٿو ته ساڳئي وقت اهي سياسي ڌريون جيڪي ووٽ کي بازار جو وکر سمجهن ٿيون، انهن جي جمهوريت پسندي به پڌري ٿي سامهون اچي وڃي ٿي. هڪ رپورٽ موجب، تازو سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ هڪ بينڪ جي اڳيان ماڻهن جو وڏو رش لڳل هو، جن جي هٿن ۾ 5-5 هزارن جا پي- آرڊر هئا، جيڪي اتان ڪيش ڪرائڻ لاءِ بيٺل هئا. اهي پي- آرڊر انهن کي هڪ سياسي جماعت جي سرپرستي ۾ رهندڙ اين جي او طرفان ڏنا ويا هئا. هڪ تجزيي نگار جي لڳايل حساب موجب، پنجن سالن جي اقتدار عيوض 5 هزار جي رقم ڪيتري خسيس آهي جو اقتدار جي هڪ ڏينهن جو ملهه 2 رپيا 75 پئسا ٿئي ٿو. مطلب ته هڪ شخص پنهنجي ووٽ جي پرچيءَ جي بدلي پاڻ تي حڪمرانيءَ جو ملهه روزاني جي حساب سان پوڻا ٽي رپيا مقرر ڪري ٿو، اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي اسان جي ملڪي سياست جو!

ڳالهه جيڪڏهن اليڪشن نتيجن جي ڪجي ته خود اليڪشن ڪميشن به انهن کي تڪراري بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي آهي. تجزيه نگار ان راءِ جا آهن ته اليڪشن ڪميشن سڀ ڪجهه ڪيو پر ان کي اليڪشن ڪرائڻ نه آئي. حد ته اها آهي ته چونڊ نتيجن لاءِ به پرائيويٽ نيٽورڪ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پڻ اليڪشن جي شفافيت تي سوال اٿڻ فطري آهن. الڪيشن ڪميشن جي ڊي جي، آءِ ٽي خضر عزيز جي حوالي سان اها ڳالهه رپورٽ ٿي آهي ته، چونڊ نتيجن لاءِ پرائيويٽ نيٽورڪ استعمال ڪيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي اهي به خبرون عام آهن ته اليڪشن ڪميشن جو پنهنجو سرور ڊائون آهي.