تعليمي پاليسي جديد گهرجن جي متقاضي!

 

(حصو پهريون)

 

قومن جي ترقيءَ جو اهم سبب تعليم ۽ بهتر تعليمي پاليسي آھي، جنهن سان قومي ۽ ملڪي ترقي ڪري سگهجي. اسان جي حڪمرانن ۽ پاليسي سازن جي حيران ڪندڙ ڳالھه اها آھي ته ملڪ جي مجموعي بجيٽ مان گذريل 15سال پهريان تائين تعليم تي بجيٽ 1.4 کان ٿيندي 2.4 ۽ حيرت ٿيندي ٻڌائينيدي ته 5. به پڻ رهي آھي، اسان جا حڪمران ليڊرز دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۽ عالمي طاقتن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار رهيا آھن پر افسوس جو اسان جي قوم سان تعليم ڏيارڻ ۾ سندن جي دلچسپي رڪارڊ تي رهي آھي. اسان کان پوءِ آزاد ٿيندڙ ملڪن جي تعليم تي بجيٽ ڏسندا ته اوهان حيران رهندا. گهڻو پري ڪو نه ٿا وڃون، بنگلاديش جو مثال وٺو مجموعي طور ملڪ جي ۽ خصوصي طور سنڌ جو تعليمي معيار ڪو بهتر ناهي رهيو ۽ نه ئي هاڻي بهتر آھي، مثالطور امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر عام آھي، سينٽرن تي سوالنامي وارو پيپر(Question Paper) وڪامن ٿا اڳواٽ، اينسر ڪاپي وڪامي سينٽرن کان ٻاهر حل ٿين ٿيون، ڪيترائي سينٽر ٺيڪن تي وڃن ٿا ته ڪاپي سرعام ڪرائبي. ان کان پوءِ ڇا ٿئي ٿو جو تعليمي بورڊز کان مارڪون خريد ڪيون وڃن ٿيون، جنهن کي گريڊن خريد ڪرڻ جو نالو به ڏنو وڃي ٿو. اڳتي هلي ڇا ٿئي ٿو جو يونيورسٽيز ۾ داخلا جي لاءِ PRE ENTRY TAST پيپرز جو وڪرو ٿئي ٿو، داخلائون لکين رپين جي اگھه سان خريد ڪيون ٿيون وڃن، جنهن جو تازو ئي مثال ايم بي بي ايس جا پيپر ليڪ ٿيا، جن جو وڪرو هڪ وڏي ڊيل سان ٿيو، جيڪا ڪروڙن ۾ پڻ ٿي. ايتري قدر جو هن وقت تائين اها پري انٽري ٽيسٽ تڪراري هجڻ ڪري تعطل جو شڪار آھي. ان کان به اڳتي هلي حيرت جي ڳالھه اها آھي جو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جون ڊگريون وڪرو ٿي رهيون آھن، انهن جعلي ڊگرين تي نوڪريون ته جيڪي ٿيون پر افسوس جو ڪيترائي سياستدان پرويز مشرف دور ۾ گريجوئيٽ شرط سبب ڪوڙيون ڊگريون وٺي اليڪشن وڙهيا. ڪي پڪڙجي پيا ۽ وري ڪي جعلي ڊگرين تي منسٽر ۽ چيف منسٽر به ٿيا. لازمي آھي ته اهڙا چيف منسٽر هوندا ته تعليمي پاليسي ۽ تعليم تي بجيٽ ته مٿي بيان ڪيل ئي هوندي. هاڻي ڪجھه سالن کان تعليم جي بجيٽ ۾ ڪجهه اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آھي جيڪو به مناسب ڪونهي، جنهن سان تعليم جو بين الاقوامي سطح جو معيار ٺاهي سگهجي. ان ڪري وقت جي تقاضا آھي ته اسان جي  مجموعي ملڪ جي ۽ خاص طور سنڌ جي تعليم تي حڪمرانن حلقن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان لاءِ سڀ کان پهريان تعليم تي سالياني بجيٽ مان گهٽ ۾ گهٽ 35 فيصد بجيٽ مختص ڪري بهتر تعليمي پاليسي ترتيب ڏني وڃي ته جيئن تعليم واري شعبي کي بهتر ۽ معياري بڻائي سگهجي جنهن ۾ ايجوڪيشن مئنيجمنٽ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو. جڏهن اسان جي ايجوڪيشن مئنيجمنٽ بهتر ٿيندي ته پوءِ اسان وٽ هيٺيان ڪم سولا ٿي پوندا. (جاري)

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

ڳوٺ صاحب خان جروار جي بجلي ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي!

 

ٽنڊو الهيار فيڊر جي ڳوٺ صاحب خان جروار جي بجلي جي مين تار ٽٽڻ سبب گذريل هڪ مهيني کان ڳوٺ جي بجليءَ بند پيل آهي. هن ڳوٺ جي بجلي 1977ع ۾ ذوالفقار ڀٽو جي عوامي حڪومت دروان منظوري ٿي آئي هئي. ان کان پوءِ بجلي جا ننڍا وڏا مئسلا ته ايندا رهيا پر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت حل ڪرئيندا آيا آهن پر گذريل هڪ مهيني کان تار ٽٽڻ ۽ بهانو بڻائي تار ٻيهر نه لڳائي وئي آهي. ڳوٺاڻن جي ڪوشش باوجود به واپڊا جو عملو نئين تار هڻي بجلي بحال ڪرڻ ۾ هن وقت به ناڪام نظر آيا آهن. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته تار ٽٽڻ ۾ ڳوٺاڻن جو ڇا ويو پر هونئن به ڳالهه مان ڳالهوڙو نه ٿيندو تيستائين ڪم نه ٿيندو. بهرحال هن عمل ۾ واپڊا عملي جي نااهلي يا ڳوٺاڻن جي ٻاراڻي حرڪتن ڪري گذريل هڪ مهيني کان ڳوٺ اونداهي جي ور چڙهيل آهي. هڪ پاسي جنرل الڪيشن هجڻ باوجود به چونڊيل نمائندن توڙي وس وارن ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ بجلي بحال ڪرڻ لاءِ ڪو ترت قدم کنيو هجي. سوچڻ جي ڳالھه آهي ته سڄو ڳوٺ پاڪستان پيپلزپارٽي جو ووٽر هجڻ باوجود به ننڍڙو مسئلو حل نه ڪري سگهيا آهن ته ان پٺيان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا. حيرت ان ڳالھه جي به آهي ته ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ هر الڪيشن دروان سرڪاري اسڪول ۾ پولنگ اسٽيشن پڻ قائم ويندي آهي ۽ ان ڳوٺ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو هڪ وائيس چيرمين ته هڪ ڪونسلر هجڻ باوجود به ڳوٺ ننڌڻڪو بڻيل آهي. تازو ئي جنرل الڪيشن لاءِ ڳوٺ صاحب خان جروار جي گورنمينٽ اسڪول کي پولنگ نمبر 237 قائم ڪري سي سي ٽي وي ڪميرا سميت ٻيون سهولتون ته مهيا ڪيون ويون آهن پر ان ڳوٺ ۾ بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته يونين ڪائونسل بڪيراشريف جي ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ هر الڪيشن دروان پاڪستان پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن جن ۾ ايم اين اي، ايم پي اي، چيرمين، وائيس چيرمين سميت ڪونسلر به ٿيا آهن جن گذريل پندرهن سالن کان صرف ڳوٺ جي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ووٽ وٺي وري وساري ڇڏيو آهي. نه رڳو ڳوٺ ۾ بجلي جو مئسلو پر سڄو ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي. نه بجليءَ، نه گئس، نه روڊ، نه اسپتال آهي. بهرحال جيڪي دوست منهنجي هن چٺي يا آرٽيڪل ته اعتراض سمجهن ٿا ته انهن کي منهنجي صلاح آهي ته هڪ ڀيرو ڳوٺ صاحب خان جروار سميت آسپاس جي ڳوٺن ۾ چڪر لڳائي ايندا ته اوهان کي جواب ضرور ملي ويندو. آخر ۾ چونڊيل نمائندن سميت چونڊيل چيرمين، وائيس چيرمين ۽ ڪونسلر کي چوندس ته عوام جي ووٽ جي عزت ڪيو ۽ سندن جائز مئسلا حل ڪري بيچني ختم ڪيو.

 

ماڻڪ حڪيم جروار/ بڪيراشريف‎

اليڪشن ۾استادن جي اھميت!‎

 

پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي طرفان 8 فيبروري 2024ع مقررڪئي وئي  آھي، جنھن ۾ عوام پنھنجي نمائندن کي چونڊيندا ۽ اھي نمائندا ملڪ توڙي غير ملڪي سطح تي پنھنجي عوام کي  ريپريزنٽ ڪندا. انھن اليڪشن ۾ اھم ڪردار استادن جو ئي رھندو جيڪي ملڪ جي ھر خاص و عام ڏينھن ۾ پنھنجو فرض سرانجام ڏيندا آھن، جيئن مثال اليڪشن يا آدم شماري وغيره. دنيا ۾ استادي پيشي کي ساراهيو ويو آهي ڇو جو ھن پيشي کي پيغمبري پيشو به چيو ويندو آھي، اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ استادن جي اھميت ايتري قدر نه آھي برعڪس دنيا جي، ھتي پاڪستان ۾ ھر ماڻھو استادن سان اٿي ھٿ ملائڻ لاءِ به تيار نه آھي يا چئجي ته ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏيندا آهن استادن جي دل آزاري ڪرڻ جي ڇو جو ھتان جا بيورو ڪريٽ به استادن جا جاني دشمن ٿيا ويٺا آھن، جيتوڻيڪ اھي اڄ ڪامياب آھن ته صرف استادن جي محنت جي  ڪري ڪامياب آهن. چونڊون ۾ استادن جي اھم ڪردار ھوندو آھي ته جيئن عوام ايندڙ پنج سال سک سان گذاري، اھو ئي عوام استادن لاءِ بغض رکيا ويٺا آھن. استاد جي احترام لاءِ ان سان ماڻھو جڏھن به ملاقات ڪري ته ھر وقت اٿي بيھڻ گھرجي پر  اھا سوچ اسان جي معاشري کي بلڪل به نه آھي ته استادن جي اھميت ۽ عزت ڪرڻ ھر فرد تي لازم آهي.

 

ثناءُالله جکراڻي/ ڳوٺ علي شير جکراڻي

 

انصاف لاءِ واجھائيندڙ معاشرو!

 

هي اسان جو پيار پاڪستان آهي جنهن ۾ چوري ڪرڻ تي گھٽ سزا ۽ گهڻي چوري ڪرڻ تي داد ملندو آهي، هڪ طرف غريب جي جهوپڙي مان آسيبن جا آواز پيا ايندا آهن ته ٻئي طرف انصاف جي پيروڪارن جي محل مان ٽهڪن جا ساز پيا وڄندا آهن. هڪ طرف غريب لاچار ٿي بک کي ختم ڪرڻ لاءِ چوري ڪرڻ تي به مجبور ٿي ويندو آهي ۽ ان کي هڪڙي ماني چوري ڪرڻ تي سزا ڏني ويندي آهي، هٿن پيرن ۾ هٿڪڙيون لڳايو وينديون آهن، جهڙوڪر ڪو ڪوهه نور چوري ڪيو هجي. ته ٻئي طرف سياستدان اربين رپيا چوري ڪن ٿا ته انهن لاءِ زنده باد جا نعرا لڳايا ويندا آهن، سزا ته بعد جي ڳالھه آهي. اهو آهي اسان جو شعور، جيڪڏهن هڪ ماني چوري ٿي يا ڪجھه ٿورو چوري ٿئي ٿو ته ان تي سوچي سمجهي فيصلو ڪجي ته ان چوري جو سبب ڇا ٿي آهي؟ سياستدان کي قسمت سان لوهي شيخن ۾ موڪليو وڃي ٿو ته ان ۾ به اي سي، ٽي وي سميت هر سهولت موجود، غريب کي اهڙي هنڌ روانون ڪجي ٿو جو هو اونداهه ئي ان کي انڌو ڪريو ڇڏي ٿي. پوءِ اهڙي عدل انصاف کي ۽ اهڙي لاشعور ملڪ ۾ رهڻ اجايو آهي، حياءَ جو لباس ته انهن لاءِ ڇڏيو آهي، بس ڪوهه نور چوري ڪرڻ جي تمنا باقي آهي.

 

يوسف غفور کٽي/ حيدرآباد

 

گذريل وقت جي تڪليفن مان سکو!

 

شعور وارن کي عرض ٿو رکجي ته توهان وٽ ايندڙ هر اميدوار کان اهو سوال ڪريو ته چاليهارو کن مختلف معدنياتي فيلڊس ۾ توهان ڪيترا مقامي سنڌي ڀرتي ڪيا آهن؟ توهان اسان کي بنيادي سهولتن کان سواءِ ماڻهن جي آمندن جي ذريعن لا ڇا ڪيو آهي؟ هي صحت، پاڻي، گئس، بجلي، روڊ رستا، هي ترقياتي ڪم ناهن، اهي بنيادي شيون آهن، توهان انهن کان پنهنجي تباهه ٿيل بنيادي سهولتن بابت به ضرور پڇاڻو ڪيو. ووٽ اها طاقت آهي جيڪا سرڪش ڀوتارن کي جهڪائي وجھي ٿي، بس اوهان هاڻ ايترا اٻوجهه به نه ٿيو، ڪي توهان کي ڪو پير مير مرشد وڏيرو يا ڪو ويجهو ڪيش ٿيل مٽ مائٽ توهان کي ڪيش نه ڪرائي سگهي. ويڳاڻپ پڻو ڇڏي ووٽ جي قيمت ۽ اهميت کي سمجهو، هي وڏي طاقت آهي، ان طاقت جو صحيح استعمال ڪريو، گذريل ماضيءَ مان سکو، ڪي توهان کان کسيل بنيادي ضرورتن جا متاثر ڪير آهن؟ پنهنجي حقيقي نمائيندي کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو.

 

مظفر بهاول لغاري / گلاب لغاري

 

واهي پانڌي جوهي روڊ جي مرمت ڪرايو!

 

واهي پانڌي جوهي تعلقي جو اهم شهر آهي، واهي پانڌي جي روڊ کي نئين گاج جي تيز وهڪري مڪمل تباهه ٿي ڪري ڇڏيو هو، تازين برساتن سبب واهي پانڌي ۽ جوهي کي ملائيندڙ روڊ مڪمل تباهه ٿي ويو آهي، هن وقت علائقي واسي اچ وڃ ۾ تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، واهي پانڌي روڊ تي هنڌ هنڌ تي گوڏي جيڏا کڏا پئجي ويا آهن، واهي پانڌي جي ڳوٺ پريو جمالي ۽ سنڌ جو ڪوهه مري گورک هل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ مسافر تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اچ وڃ ۾وڏي تڪليف ٿي رهي آهي، علائقي واسين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته واهي پانڌي روڊ جي مرمت ڪرائي ڪاڇي واسين کي تڪليف کان بچايو وڃي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

علم انسان جون سموريون اکيون آهن!‎‎

 

علم انسان جي ٽين اک آهي، اهو هڪڙو پراڻو محاورو آهي، هاڻي اهو چوڻ گھرجي ته علم انسان جون سموريون اکيون آهن. سچ ته اهو علم ئي آهي جنهن انسان کي اوائلي دور جي اوگھڙ، بي شعوري ۽ پٽ تان کڻي تهذيب، تمدن، شعور ۽ ساڃاهه جي بلند آسمانن تي رسايو آهي. انسان ۽ جانور ۾ جيڪو فرق آهي، اهو جبلت کان مٿي اٿي سوچ، شعور ۽ تخيل جي بلندين تي رسڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن انسان سوچ کي پروان چاڙهيندي ٻوليءَ جون واديون نه ووڙي ها، لفظن جو ادراڪ نه ڪري ها ۽ علم جي اظهار جا ڏيئا نه ٻاري ها ته اهو اڄ به جبلتن جي اونداهي ماٿريءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندو رهي ها. اڄ جتي دنيا 7 جي ۽ 8 جي، جي ڊوڙ ۾ آھي، صنعتي انقلاب اچي چڪو آھي پر افسوس اسان جو ڳوٺ علم جھڙي قيمتي زيور کان محروم آهي، ھتان جو گرلز اسڪول گذريل 13 سالن کان بند جڏھن ته بوائز اسڪول گذريل 5 سالن کان بند آھن، جنھن جي نتيجي ۾ ھن ڳوٺ ۽ آسپاس جي غريب شاگردن جي تعليم تباهه ٿي رھي آھي، تعليمي عملدارن سان جڏھن ڳالھايون ٿا ته جواب اھو ملي ٿو ته استاد ناھن ۽ جتي سرندي وارن جون اوطاقون بڻيل اسڪول آھن اتي 3،3 استاد مقرر ٿيل آھن ۽ ٻارن جي شرح 50 سيڪڙو به مس ھوندي پر ھتي تقريبن سئو جي لڳ ڀڳ ٻار آھن پر ھڪڙو استاد به نٿو ڏنو وڃي. اسان جي وس وارن تعليمي آفيسرن سياسي سماجي اڳواڻن کي گذارش آھي ته اسان کي ھي اسڪول کولرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ته جيئن ھتان جا غريب ھارين جا ٻار تعليم حاصل ڪري معاشري جا سگھارا فرد بڻجي سگھن.

 

اسلم ھنڱورجو/ کپرو

 

تيزيءَ سان ڦهلجندڙ سنڌ جا وڏا شهر!‎‎

 

موٽر سٽي، بحريا ٽائون، ڊي ايچ اي سٽي، پاڪستان ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي، اي ايس ايف سٽي، ڪمانڊر سٽي، قائم سٽي، گل مهر سٽي، سيون ونڊر سٽي، سيرين ڪائونٽي اسڪيم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اسڪيمون شامل آهن، قدرتي ماحول کي بچائڻ واسطي ايم ٩ تي وڌيڪ رهائشي اسڪيمن تي پابندي لڳائي وڃي ۽ ملير ضلعي جي قدرتي ماحول کي پڻ بچايو وڃي، اتي ڪنهن به نئين اسڪيم جا اين او سي جاري نه ڪيا وڃن، واسطيدار ادارن جهڙوڪ ايس بي سي اي ۽ ايم ڊي اي ۽ ايس ڊي اي کي ان تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي ۽ افسوس جي ڳالھه ته جتي ملير ضلعي جا سوين ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن، اتي سوين نيون اسڪيمن جا اين او سيز جاري ڪيا پيا وڃن، جيڪا ڳالھه قديم ڳوٺن جي ويراني جو ڪارڻ بڻجي رهي آهي، ادارن کي گهرجي ته انهن قديم وسندين کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن، بجاءِ نين اسڪيمن جي جن سان رڳو امير طبقي جي سيڙپ ٿئي ٿي ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ زمين تنگ ٿيندي پئي وڃي، جنهن سان مستقبل ۾ انيڪ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، اهي اسڪيمون انتظامي طور ضلعي ڄامشورو جي حدن ۾ اچن پيون ۽ ايس ڊي اي کان اين او سي ورتل ڏيکاريو پيو وڃي پر ظاهري طور ڪراچي کي ويجهو هجڻ ڪري ڪراچي سان ڳنڍيل نظر پيون اچن، جيتوڻيڪ ڄامشورو ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ اهڙيون اسڪيمون شمار ٿيڻ گهرجن پر ڪراچي جي ڪشش ۽ چمڪ جيڪا بحريا کان شروع ٿي اڳتي وڌندي پئي وڃي ۽ ڄامشورو پسمنظر ۾ رهندو پيو وڃي، اڳتي هلي جڏهن ڄامشورو باءِ پاس ٺهندو تڏهن ٿي سگهي ٿو ته ڄامشورو جو ڀاڳ کلي پوي ۽ بلڊر مافيا ان طرف موٽ کائي، جنهن سان  مٽياري، پيٽارو ۽ ڄامشورو شهرن کي عروج ملي ۽ حيدرآباد تان گهڻو وزن لهي سگهي ٿو ۽ شهر جو ڦهلاءُ رڪجي سگهي ٿو.

 

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

ڳوٺ محمد ملاح کي بنيادي سهولتون ڏيو!

 

اسان جو ڳوٺ محمد ملاح ديهه سوهڪي يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ واقع آهي، هي ڳوٺ زندگي جي مڙني سهولتن کان محروم بڻيل آهي، ڳوٺ محمد ملاح جي رهواسين خدا ڏنو ملاح، غلام ملاح، محمد سليمان ملاح، محمد ملاح ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ زندگي جي ڪا به سهولت موجود ناهي، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته 6-آر سم نالي وٺان ڳوٺ محمد ملاح کي پڪي پل ۽ رستو نه هجڻ ڪري برسات وقت ڳوٺاڻن جو شهرن سان رابطو ڪٽجي ٿو وڃي. ڳوٺ محمد ملاح ۾ پڪي رستي، بجلي ۽ اسڪول جهڙي به سهولت ناهي. ٻاهر کان آيل مهاجر، پنجابي، پٺاڻ ۽ ٻيا ڌاريان هتي زمينون خريد ڪري فارم بڻائي سڀئي سهولتون وٺي وڃن ٿا پر افسوس جو اسان صدين کان رهواسي آهيون پر اسان کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان هتي جي چونڊيل نمائندن، بالا آفيسرن ۽ انتظاميا کي بار بار چيو آهي ۽ لکت ۾ پڻ ڏنو آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هتان جا چونڊيل نمائندا هتي صرف ان وقت ايندا آهن جڏهن کين ووٽن جي ضرورت هوندي آهي، ان کان پوءِ اليڪشن کٽڻ کان پوءِ هو هيڏانهن اچڻ به پسند ناهن ڪندا، اسان هتان جي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ سرڪار کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ کي سم نالي 6-آر وٽان پل، پڪو رستو، اسڪول ۽ بجلي پڻ مهيا ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

 

ٻارڙن لاءِ پاس ٿيل قانونسازيءَ تي عمل به ڪرايو!

 

سنڌ ۾ وڌندڙ ٻارڙن سان جنسي زيادتني ۽ تشدد جا وڌندڙ واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آھن، رياست ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻجي وئي آھي. شوشل ميڊيا ۽ اخبارون اھڙن واقعن سان ڀريون پيون آھن، ڄڻ انسانن مان انسانيت ئي موڪلائي وئي ھجي ۽ هو حيوان بڻجي ويا آھن ۽ حوس جا پوڄاري ٿي ويا آھن. معصوم گلڙن جھڙن ٻاڙن کي به حوس جو نشانو بڻائي ٿا ڇڏين، رحم ۽ احساس سندم مان موڪلائي ويو ھجي، جيڪي اھڙو عمل ڪن ٿا تن کي انسان چئجي ته اھي انسان جي روپ ۾ بگھڙ آھن، جيڪي روز ڪنھن شڪار جي ڳولا ۾ ھوندا آھن، ڪٿي نه ڪٿي معصوم ٻارڙي کي حوس جو نشانو جو بڻائيندا آھن، اھڙا گھڻا واقعا راڄوڻين وسيلي حل ٿي وڃن ٿا، ڇو ته زيادتيءَ جو نشانو بڻيل جا وارث ناھن چاھيندا ته انھن جي عزت جو جنازو نڪري، ان ڪري ان مامري کي شرم کان اتي ئي لئي مٽي ڪري خاموش ٿي ويندا آھن. ڪجھ اھڙا واقعا به جيڪي سوشل ميڊيا يا ٽي وي چينلز يا اخبارن ۾ اچڻ ڪري انھن واقعن جا ڪيس داخل ٿين ٿا پر جوبدارن کي سزائون نٿيون ملن، اڪثر اھڙن واقعن جا راڄوڻي فيصلا ٿي وڃن ٿا، ڌريون پاڻ ۾ ٺھي وڃن ٿيون ۽ جوابدار ضمانت ڪرائي آزاد گھمندا وتن ٿا، جڏھن به ڪنھن ھڪ ڏوھاري کي ڏوهه جي سزا ناھي ملندي ته اھو ظلم سڄي سماج ۽ معاشري مٿان ورهائجي ويندو آھي. اسان اپيل ڪريون ٿا چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، انساني حقن جي تنظيمن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ته ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين ۽ تشدد جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي جوابدارن لاءِ سخت کان سخت سزائون مقرر ڪيون وڃن.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور