ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)سوئي سدرن گيس ڪمپني غير برآمدي صنعتن ۽ بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽس کانپوءِ پهرين ڊسمبر کان اڍائي مهينن لاءِ  سنڌ ۽ بلوچستان جي 630 سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، انڏس ۾ سوئي گيس ترجمان موجب توانائي واري وزارت جي گيس لوڊ مينيجمينٽ واري ترجيحي آرڊر تحت گهريلو ۽ ڪمرشل صارفين کي ترجيحي بنيادن تي گيس فراهم ڪرڻ خاص طور تي  بلوچستان ۾ ٿڌ کي منهن ڏيندڙ صارفين کي گيس فراهم ڪرڻ لاءِ پهرين ڊسمبر کان سنڌ ۽ بلوچستان جي سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي بند ڪئي ويندي، اها بندش 15فيبروري تائين  جاري رهندي، واضح رهي ته عام صنعتن، زيرو ريٽيڊ ايڪسپورٽ ڪندڙ ڪارخانن، ڪيپيٽو پاور پلانٽس ۽ ڀاڻ  (فرٽيلائيزر) فيڪٽرين  کي گيس جي فراهمي اڳ ۾ ئي بند آهي، هوڏانهن سي اين جي اسٽيشنز جي مالڪن واري تنظيم جي اڳواڻ پرشوتم لال جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار سي اين جي اسٽيشنز کي نشانو بڻائي ڪاروبار ڪرڻ جو حق به کسي رهي آهي، هن چيو ته اسان کي شروعات ۾ وفاقي حڪومت چيو هو ته قدرتي گيس جي کوٽ آهي، انهي ڪري سي اين جي مالڪ آر ايل اين جي خريد ڪن، اسين انهي تي به راضي ٿياسين پر هاڻ اسانکي اڍائي مهينا گيس بندش جو اطلاع مليو آهي، هن چيو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته سنڌ جي سي اين جي اسٽيشنز جا مالڪ اسلام آباد جي  ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻن، حتمي لائحه عمل لاءِ اڄ گڏجاڻي  گهرائي آهي، ٻئي طرف ذريعن موجب هڪ سي اين جي تي عام طور تي 3 شفٽن ۾ 20 کان 25 ملازم ڪم ڪن ٿا، انهي حساب سان 15000 کان وڌيڪ ملازم بيروزگار ٿي ويندا ،  ٻئي طرف سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ سي اين جيز ۽ صنعتن ۾ گيس بندش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته تبديلي سرڪار گھرن جا چلها ٿڌا ڪرڻ بعد صنعتن جو ڦيٿو به جام ڪري ڇڏيو آھي، هاڻ سين اين جيز سيڪٽر جي بندش سان سڄي سنڌ ۾ ھزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، وفاقي حڪومت قدرتي گيس واري مسئلي تي سنڌ  سان مسلسل زيادتي ڪري رهي آھي، سڀ  کان  وڌيڪ گيس پيدا ڪرڻ واري صوبي کي گيس کان محروم بڻايو ويو آھي, هن مطالبو ڪيو ته ايل اين جي جي درآمد ۾ رڪاوٽ بڻجڻ وارن خلاف شفاف جاچ ڪرائي سنڌ کي آرٽيڪل 15 تحت گيس فراهم ڪئي وڃي