اسلام آباد: وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر  ڪورونا جي نئين قسم کي روڪڻ ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جو نئون قسم انتهائي خطرناڪ آهي، انهي جو پاڪستان تي اثر پئجي سگهي ٿو، احتياط ذريعي اثر گهٽائي سگهجن ٿا پر ان کي روڪي نٿو سگهجي، ڪورونا جي نئين قسم اوميڪران کان بچڻ جو طريقو ويڪسينيشن ئي آهي. ايندڙ ٻن ڏيهن ۾ ويڪسينيشن جي وڏي مهم شروع ٿيندي.ٻئي طرف ڪورونا 5 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 176نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ  ۾ شرح  گهٽجي 0.59 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي( رپورٽ: شاهد ميراڻي )سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو صوبي ۾ 65 سالن کان وڏي ڄمار وارن شهرين کي مفت بوسٽر ڊوز لڳائڻ لاءِ وفاق کان فائيزر، ايسٽرازينيڪا  ۽ موڊرونا جا 20 لک ڊوز فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،  ٻارن کي اسڪول  ۾ ويڪسين لڳائڻ جو عمل ٻيهر شروع ڪري رهيا آهيون، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪورونا جي نئين نموني اوميڪران کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي قدم کڻڻا پوندا، پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن جي ايئرپورٽن توڙي ٻين داخلي رستن تي سخت چڪاس شروع ڪئي وڃي، هن چيو ته ڪورونا جو نئون قِسم 30 شڪليون مٽائي چڪو آهي،  اوميڪران جا ويڪسين ڪرائيندڙن تي ڪهڙا اثر پوندا؟ اهو اندازو لڳائڻ به وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي،شهرين کي احتياط ۽ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ويڪسين ڪرائيندڙ ماڻهن کي جيڪڏهن ٻيهر ڪورونا ٿي ته سنڌ حڪومت طرفان انهن جي جينومڪ پروفائلنگ ڪئي ويندي، هن چيو ته اسان مفت ۾ بوسٽر ڊوز لڳائڻ لاءِ وفاق کان 10 لک فائزر، 5 لک موڊرونا ۽ 5 لک اسٽرازنيڪا ويڪسين فراهم ڪرڻ لاءِ لکيو آهي.هن چيو ته اسان اسڪولي ٻارڙن کي به ويڪسين لڳائي رهيا آهيون. هن چيو ته فرنٽ لائين  ورڪرن توڙي ٻين هيلٿ پروفيشنلز کي بوسٽر ڊوز لڳائڻ جو مرحلو جلد مڪمل ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جعلي ڪورونا سرٽيفڪيٽ جو معاملو سامهون ناهي آيو، هن چيو ته شروع ۾ ڪورونا سبب خوف هو، هاڻ ويڪسين اچڻ بعد ڪاروبار بند نه ٿيندا،  هن چيو ته نئون وائرس هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين جلد پهچي وڃي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته 6 مهينا اڳ تائين 2 ڊوز لڳرائيندڙ  جناح اسپتال ۽ اوجھا ڪيمپس مان مفت بوسٽر  ڊوز لڳرائي سگهن ٿا ، جن سائنو فارم جا 2 ڊوز لڳرايا آهن اهي به فائزر جو بوسٽر ڊوز ڪرائي سگھن ٿا.