ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي مان اغوا ٿيل ٺٽي واسڻ ٽڪ ٽاڪر هٿ، هڪ نوجوان گرفتار، ان ڏس ۾ سچل پوليس ابوالاصفحاني روڊ تان مبينه اغوا ٿيل ٽڪ ٽاڪر ڪرن خاصخيلي کي غازي ڳوٺ مان هٿ ڪري هڪ نوجوان کي به گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ڪارروائي ڪرن جي ساهيڙي سائره جي مدد سان ڪئي وئي، ڪرن جو بيان پڻ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪرن ٻڌايو ته هوءَ سکر واسي ٽڪ ٽاڪر واجد جمالي ڏانهن وئي هئي، واجد جمالي کي پسند ڪري ٿي، ساڻس شادي ڪرڻ چاهي ٿي. پوليس موجب ڪرن ٻڌايو ته واجد اوبر ڪمپني جو ڊرائيور آهي، پوليس موجب ڪرن جو ميڊيڪل ڪرائڻ بعد اڄ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي سندس 164 جو بيان رڪارڊ ٿيندو. ڪرن جي والد ٻڌايو ته ڪرن جي 6 مهينن بعد سندس سوٽ سان شادي رٿيل آهي، هن چيو ته ڪرن 8 درجا پڙهيل آهي، اها اسانجي  اڪيلي نياڻي آهي، واجد جمالي کيس ورغلايو آهي،