اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪمران جماعت پي ٽي آءِ پاران مبينا بندش پيل ذريعن کان غير ملڪي فنڊنگ حاصل ڪرڻ بابت جاچ ڪندڙ اسڪروٽني ڪاميٽي ٽن سالن بعد جاچ رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏي،  پي ٽي آءِ جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر پارٽي کان باغي ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ مٿان پابندي پيل ذريعن سان غيرملڪي فنڊنگ حاصل ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ خلاف  درخواست  اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي هئي جنهن تي اليڪشن جاچ لاءِ 2018 ۾ اسڪروٽني ڪاميٽي قائم ڪئي هئي، اسڪروٽني ڪاميٽي لڳ ڀڳ 80 کان وڌيڪ اجلاس ڪيا، آخري اجلاس 12 آگسٽ تي ٿيو هيو، اسڪروٽني ڪاميٽي پنهنجي جاچ رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي جمع ڪرائي ڇڏي آھي. اليڪشن ڪميشن جي ذميوار ذريعن تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته ان رپورٽ تي اليڪشن ڪميشن کليل ٻڌڻي تي غور ڪري رهي آهي جنهن دوران رپورٽ تي ڌرين کي ٻڌو ويندو، اليڪشن ڪميشن جمع ٿيل رپورٽ جو جائزو وٺي رهي آھي، امڪان آھي ته ڪجھه ڏينهن بعد ان رپورٽ تي کليل ٻڌڻي ٿئي، ڌرين جي موقف بعد حتمي فيصلو جاري ڪيو ويندو.