ڪراچي: ٺٽي سان تعلق رکندڙ شيرازي ڀائرن جا پ پ سان اختلاف شروع، ذريعن موب پ پ قيادت شيرازي ڀائرن مان رياض شاهه شيرازي کي اسپيشل اسسٽنٽ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، رياض شاهه شيرازي اسپيشل اسسٽنٽ ٿيڻ بدران پارٽي آڏو موقف رکيو ته ٺٽي جي اڳوڻي ضلعي ناظم رهندڙ شفقت شاهه شيرازي کي صلاحڪار مقرر ڪيو وڃي، شفقت شاهه کي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي منظوري نه ملڻ تي شيرازي ڀائرن گذريل ڏينهن وڏي وزير کي نياپو اماڻيو ته هنن کي اسپيشل اسسٽنٽ جو عهدو نه کپي، ان ڪري اسان جي حوالي سان ڪو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو وڃي. ذريعن موجب گذريل ڏينهن شيرازي ڀائرن ڪراچي اچڻ بدران ٺٽي ۾ ئي پنهنجو ڏينهن گذاريو