ڪراچي: سنڌ ڪابينا جي نئين ردوبدل ۾ پڻ ساڳيا پراڻا چهرا سامهون آندا ويا، اڪثر وزارتون انهن کي مليون، جيڪي پ پ جي مختلف حڪومتي دورن ۾ وزير رهيا، نون چهرن ۾ وزير طور صرف ضياءَ عباس شاهه جڏهن ته صلاحڪارن ۾ حاجي رسول بخش چانڊيو کي مقرر ڪيو ويو آهي. منظور وساڻ، فياض ٻٽ، ڄام خان شورو ۽ گيانچند ايسراڻي اڳ ۾ ئي وزارتن جا مزا ماڻيندا رهيا آهن.