صدر کي ڪهڙي تڪڙ آهي جو خط اُماڻي ڇڏيو: وزيراعظم شهباز شريف

0
185
وفاقي ڪابينا، ججز جي مداخلت وارن الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ جا امڪان
وفاقي ڪابينا، ججز جي مداخلت وارن الزامن جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏيڻ جا امڪان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته صدر کي ڪهڙي تڪڙ آهي جو خط اُماڻي ڇڏيو، وزيراعظم طور مون وٽ 8 ڏينهن آهن، نگران وزيراعظم جي مقرري تائين آئون عهدي تي رهندس، صدر کي خط لکڻ کان اڳ آئين پڙهڻ گهرجي

نگران وزيراعظم جي مقرري بابت صدر جي خط تي ردعمل ۾ وزيراعظم چيو ته ڪجهه ججز پارليامينٽ سان ٽڪراءُ ۾ آيا، مقننه کي قانونسازي جو پورو اختيار آهي، مون تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو ته قانون تي عملدرآمد روڪيو وڃي

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ ۾ تباهي آندي، 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، 9 مئي جا واقعا رياست، فوج ۽ سپهه سالار خلاف بغاوت هئا

وزيراعظم شهباز شريف پاران اتحادي پارٽين جي مانُ ۾ ڊنر ڏنو ويو، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، اختر مينگل، خالد مقبول ۽ ٻين اڳواڻن ڊنر ۾ شرڪت ڪئي

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اتحادين سان نگران سيٽ اپ تي مشاورت ڪري رهيو آهي، وزيراعظم اتحادين کي نگران وزيراعظم جي معاملي تي به اعتماد ۾ وٺندو