ڪن کولي ٻڌو! ڪنهن جو پيءُ به ڪراچي کي الڳ صوبو نٿو ٺاهي سگهي: آغا سراج دراني

0
265
ڪنهن جو پيءُ به ڪراچي کي الڳ صوبو نٿو ٺاهي سگهي
ڪن کولي ٻڌو! ڪنهن جو پيءُ به ڪراچي کي الڳ صوبو نٿو ٺاهي سگهي: آغا سراج دراني

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي الوداعي اجلاس ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته سڀئي ڪن کولي ٻڌو! ڪنهن جو پيءُ به ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري الڳ صوبو نٿو ٺاهي سگهي

آغا سراج دراني اسيمبلي اندر موجود ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ٻين پارٽيز جي ميمبرن جو نالو کڻڻ بنا کين مخاطب ٿيندي چيو ته اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر موجود ماڻهو کن کولي ٻڌو

اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ جو راڄڌاني ئي رهندو، ڪجهه ماڻهو ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن، تن کي پيغام ٿا ڏيون ته ڪنهن جو پيءُ به الڳ صوبو نٿو ٺاهي سگهي