شھدادڪوٽ: زميني تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڇڪتاڻ

0
261

شھدادڪوٽ (ن پ ا) جھل مگسي جي علائقي ڪامل شامل ۾ زميني تڪرار تان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيھڙو، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو علائقي ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري نظام الدين ڪاروزئي مگسي ٿڏي تي مارجي ويو، اطلاع تي ليويز پوليس واقعي واري ھنڌ مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، قتل ٿي ويل نظام الدين مگسي بھرام جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي، ليويز پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ پ ايم اين اي مير عامرخان مگسي ۽ مير سالار خان مگسي جي حامين وچ ۾ زميني تڪرار تان جيھڙو ٿيو آهي .