ٻانڌي ويجهو منگيا برادري وڙهي پيا، هڪ ڄڻو قتل

0
410

ٻانڌي (ن پ ا) منگيا موري لڳ ڳوٺ رمضان منگيو ۾ زميني تڪرار تان منگيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب 45 سالا ذوالفقار منگيو زخمي ٿي پيو، جنھن کي رورل ھيلٿ سينٽر ٻانڌي آندو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو، پر زخمي ٿيل ذوالفقار منگيو زخمن جا سور نه سھندي رورل ھيلٿ سينٽر ٻانڌي ٻاھران فوت ٿي ويو، مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.