شڪارپور: گٽر ۾ ڪريل موبائل فون کڻڻ دوران همراهه ٻڏي فوت!

0
354

شڪارپور: رستم موڙ ويجھو 40 سالن جو شخص موبائل فون کڻڻ دوران گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ھڪ کي بچايو وي. 40 ورهين جي غلام ياسين آرائين جي موبائيل گٽر ۾ ڪري پئي جنهن کي کڻڻ جي ڪوشش دوران هو پنهنجي ساٿي 30 ورهين جي سعود سان گٽر ۾ ھيٺ لھي ويو. ان دوران غلام ياسين ٻڏي فوت ٿي ويو جڏهن ته سعود کي بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.فوتي ۽ بيھوشي واري حالت ۾ بچي ويل رستم موڙ واسي ٻڌايا پيا وڃن.