شڪارپور: قتل جو ڏوھ ثابت، ٽن جوابدار کي عمر قيد جي سزا

0
321

شڪارپور(ن پ ا) اي ٽي سي عدالت ٽن جوابدارن تي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، حيدرعلي ابڙو جي عدالت عطاحسين ٻرڙو،نادر علي ٻرڙو،ربنواز ٻرڙو کي عمر قيد ۽ ھر جوابدر تي 6 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو، ٺل ٿاڻي جي حد ۾ قائم الدين سرڪي کي ڀتي جي مامري تان ٻه سال اڳ قتل ڪيو ويو هو، ٽئين جوابدار مجموعي طور تي 18 لک رپيا ڏنڊ جي رقم مقتول جي وارثن کي به ادا ڪندا، جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻه جوابدار اڃان تائيين روپوش آهن.