شڪارپور (رپورٽر) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج طاھر حسين ابڙو جي عدالت ھڪ مڻ 2 ڪلا چرس رکڻ جي ڏوھ ۾  ڪوئيٽا واسي ٻن جوابدارن خان محمد ۽ ڪريمداد پٺاڻ کي 25, 25 سال قيد ۽ ھڪ، ھڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻئي جوابدار ڇھ، ڇھ مھينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندا، ٻڌايو پيو وڃي ته شڪارپور ويجھو ڄامڙا اسٽاپ ويجھو ٻنھي جوابدارن وٽان اينٽي نارڪو ٽڪس پوليس ڇهه مھينا اڳ ڪار جي تلاشي دوران ھڪ مڻ ويهه ڪلو چرس ھٿ ڪيو ھو جنھن جو ڪيس شڪارپور جي ماڊل ڪرمنل اينڊ ٽرائل ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو جنھن جي سزا جوابدارن کي ٻڌائي وئي آھي عدالت جي اھڙي فيصلي کان پوء جوابدارن کي شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ جيل موڪليو ويو آھي