سيالڪوٽ واقعو: مقتول جو جسم گهڻو سڙيل ۽ هڏا ٽٽل هئا: پوسٽ مارٽم رپورٽ

0
360
پريانٿا قتل ڪيس

ڪراچي(م ڊ) سيالڪوٽ ۾ قتل ٿيل سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب پريانٿا ڪمارا جو اڪثر جسم سڙيل مليو، جڏهن ته سندس ٽنگون ۽ پيرن جو هيٺيون حصو باهه کان محفوظ رهيوپر باهه ۾ بچيل حصي جا هڏا ٽٽل مليا آهن

ذريعن موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنجاب جي گهرو وزارت سريلنڪن سفارتخاني سان رابطو ڪري ورتو آهي، پريانٿا ڪمارا جو مڙهه اڄ خاص اڏام ذريعي اسلام آباد پهچايو ويندو، جتان سري لنڪن سفارتخاني جا عملدار لاش کي سري لنڪا کڻائي ويندا

ھي به پڙھندا

سيالڪوٽ واقعو: جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن: پوليس