لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد گاسليٽ ڊيپو واري علائقي مان پراسرار نموني گم ٿيل گونگي  ۽ مستاني نينگري رضوانه عرف منڊم ڌيءَ قبول سومرو کي پوليس هٿ ڪري وارثن حوالي ڪيو.پوليس جو چوڻ هو معذور نينگري لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ محمد خان لاشاري واسين کي ملي جن پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن کان پوءِ نينگري وارثن حوالي ڪري ڇڏي آهي هوڏانهن نينگري جي هٿ اچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي آهي.