شڪارپور جي ناپرڪوٽ ۽ خانپور ٿاڻن جي حدن ۾ ڏوهارين جا ٿاڪ آهن: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو

0
446

لاڙڪاڻو: نئين بدلي ٿي آيل ڊي آئي جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ چيو آهي ته شڪارپور ضلعي جي ناپر ڪوٽ ۽ خانپورٿاڻن جي حدن ۾ ڏوهارين جا ٿاڪ آهن تيستائين سک جو ساه نه کڻندس جيستائين ڏوهارين جو مڪمل خاتمو نه ايندو. هن چيو ته ڪچي ۾ درياء واري علائقي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪيو ويندو، اهڙو مثال قائم ڪنداسين جتي ڪچي ۾ درياء واري پوائنٽ تي ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ اچن. هن چيو ته شڪارپور ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ جاگيراڻي، جتوئي، سبزوئي تيغاڻي ڏوهن ۾ ملوث آهن، اسان نئين پلاننگ سان ڪچي ۾ آپريشن ڪري رهيا آهيون، آپريشن عملي هوندو، 10 ڪلوميٽرن تائين ڪچي جي ڏوهارين واري علائقي ۾ بلڊوزر سان رستا ٺاهيا آهن. اسان ڏوهارين واري ايريا کي مڪمل ڪليئر ڪرائي ڏوهارين جو خاتمو ڪنداسين. ڊي آئي جي چيو ته جديد هٿيار ۽ 5 اي پي سي چين گهرايون ويون آهن. هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ آپريشن جو حصو آهن. ڊي آئي جي چيو ته ڏوهارين سان ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو. مون ڳڙهي تيغو واري علائقي جو دورو ڪيو آهي پوليس جا جوان سخت گرمي ۾ ڊيوٽيون سر انجام ڏئي رهيا آهن، ڌاڙيل سمجهي ڇڏين انهن جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن، ڏوهارين جو اهڙو حشر ٿيندو جو وري ڪو ڏوھ ڪرڻ لاء سو دفعا ضرور سوچيندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي به ڏوهارين جا سهولتڪار آھن انهن کي به ٽيڪنڪل طريقي سان جاچ ڪئي پئي وڃي انهن کي به بخش نه ڪبو.