امتحان 10 جولاءِ کانپوءِ ٿيندا، رڳو ڪمپلسري مضمونن جا پيپر ورتا ويندا؛ شفقت محمود

0
424

اسلام آباد: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اعلان ڪيو آهي ته هن سال امتحان لازمي ٿيندا جڏهن ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا صرف ڪمپلسري پيپر ورتا ويندا. تعليم جي وزيرن جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شفقت محمود چيو ته اجلاس ۾ جيڪي به فيصلا ٿيا اهي اتفاق راءِ سان ٿيا. هن چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ تعليمي ادارا بند ڪرڻ آسان ناهي ، تعليمي ادارن بابت فيصلا سمورن صوبن جي صلاح مشوري سان ڪيا ويا جڏهن ته وبا جي صورت ۾ تعليمي ادارا ٻيهر کولڻ جو فيصلو آسان نه هو. شفقت محمود چيو ته اهو طئي ڪيو ويو آهي ته امتحان هن سال ضرور ورتا ويندا. تعليم واري وزير اعلان ڪيو ته نائين ۽ ڏهين جي صرف اختياري مضمونن ۽ رياضي جو پيپر ورتو ويندو يعني 9 ۽ ڏهين جي صرف چئن مضمونن جا پيپر ورتا ويندا جڏهن ته 11 ۽ 12 هين جي صرف اختياري مضمونن جا پيپر ورتا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته امتحان هاڻي 24 جون جي بجاءِ 10 جولاءِ کان منعقد ٿيندا ، جڏهن ته پهريان انٽر ۽ پوءِ ميٽرڪ جا پيپر هوندا. تعليم واري وزير چيو ته بورڊ کي به پيپرن ۾ وقفو رکڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن ٻارن کي تياري لاءِ مناسب وقت ملي سگهي. شفقت محمود نائين ۽ يارهين ڪلاس لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کولڻ جو پڻ اعلان ڪيو.