همايون شريف (ن پ ا) يوسي 4 همايون تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ پ پ اميدوار منور علي بکراڻي ڪامياب  ٿي ويو،  آزاد اميدوار اڪبر خان بکراڻي هارائي ويو، جڏهن ته يو سي چيئرمين جي پ پ اميدوار در محمد خان سڌايو پوري پينل سميت ڪاميابي ماڻي،  آزاد اميدوار ميان سهيل احمد پيچوهو پوري پينل سميت هارائي ويو، يوسي هڪ جهانواهه تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو پ پ اميدوار مير مراد ڀيو  ڪامياب، پي ٽي آءِ جو اميدوار آغا فهد هارائي ويو، جڏهن ته يوسي چيئرمين جو پ پ اميدوار ارشد علي جکراڻي پوري پينل سميت ڪامياب، پي ٽي آءِ جو آغا تنوير عرف راجا خان پوري پينل سميت هارائي ويو، يو سي 5 سلطان ڪوٽ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو پ پ اميدوار آغا عاشق علي خان ڪامياب، پي ٽي آءِ جو آغا جهانگير پٺاڻ هارائي ويو،جڏهن ته يوسي چيئرمين لاءِ پ پ اميدوار آغا زرق خان پٺاڻ پوري پينل سميت ڪامياب ٿي ويو، پي ٽي آءِ جو سيد بيگ محمد شاهه پوري پينل سميت هارائي ويو، يوسي 6 لوڊرا تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر جو پ پ اميدوار ثناءُ الله مست مقيم ڪامياب، آزاد اميدوار عبدالرشيد شر هارجي ويو، جڏهن يو سي چيئرمين لاءِ  پ پ اميدوار عباس علي پوري پينل سميت  ڪامياب، جي يو آءِ جو غلام رسول راهوجو پوري پينل سميت هارائي ويو، يوسي 7 مريد سيٺار تي پ پ پاران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اميدوار حبيب الله ڪامياب، جي يو آءِ جي حسين بخش شر هارائي ويو، جڏهن ته يوسي چيئرمين لاءِ به مريد سيٺار تي جي يو آءِ جو مولانا اسد الله سيٺار ڪامياب، پ پ جو اميدوار وائيس چيئرمين سميت محمد بخش هارائي ويو، يوسي 9 واڏا ماڇي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل  لاءِ پ پ اميدوار امجد خان لهر ڪامياب، آزاد اميدوار مولا بخش شر هارائي ويو، جڏهن ته يوسي تي پ پ پاران چيئرمين جو اميدوار راجا مقبول حسين سولنگي پوري پينل سميت ڪامياب، آزاد اميدوار غلام رضا سولنگي پوري  پينل سميت هارائي ويو.