شھدادپور (رپورٽ: حميد کوسو) شھداپور تعلقي ۾ ٿيل بلدياتي چونڊن جو حتمي نتيجو جاري، جي ڊي اي کي بدترين شڪست، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيز جي 35 وارڊن تي پ پ سوڀاري، چئن تي جي ڊي اي ڪامياب، هڪ وارڊ تي چونڊ عمل ملتوي، خبر موجب شھدادپور تعلقي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي حوالي سان آر او بابر نظاماڻي حتمي چونڊ نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، جنهن تحت  هڪ ميونسپل ۽ 3 ٽائون ڪاميٽيز جٽيا، سرهاري ۽ شاهپورچاڪر جي مڙني 40 وارڊن مان پ پ 35 تي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته جي ڊي اي رڳو 4 وارڊ حاصل ڪري سگهي، ميونسپل ڪميٽي جي 16 وارڊن مان پ پ 13 ۽ جي ڊي اي 3 تي ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي طرح ٽائون ڪاميٽي جَٽيا جي 10 وارڊن مان 9 وارڊ پ پ ٻھاري وئي، هڪ وارڊ تي آزاد اميدوار فوت ٿيڻ سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي، ٽائون ڪميٽي سرهاري جي 6 ئي وارڊ پ پ ٻهاري وئي، ٻئي طرف ٽائون ڪاميٽي شاهپور چاڪر جي 8 وارڊن مان 7 وارڊن تي پ پ ڪامياب ٿي، هڪ وارڊ تي جي ڊي اي اميدوار سوڀارو ٿيو ، شھدادپور ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊن تي ڪامياب ٿيل پ پ اميدوارن ۾ ملڪ انور سهيل، ڄام قائم الدين، علي مرتضيٰ ٿهيم، غفار عرف لالي، عامر شيخ، انور جمال، دلشاد راجپوت، فهد وساڻ، عبدالراق راجپوت، لقمان راجپوت، محمد حسن ٽالاڻي، منظور خاصخيلي، آصف ڏيٿو ۽ جي ڊي اي جا محمود وساڻ، فتح شيخ ۽ حسين بخش خاصخيلي شامل آهن،