ڇاڇرو (ن پ ا) ايم پي اي عبدالرزاق راھمون ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ دلاور خان مالڪاڻي چيو آهي ته ڏاهلي ۽ ڇاڇرو جي مختلف يوسيز تي اسان جي ڪامياب  ٿيل اميدوارن جو راتو رات رزلٽ تبديل ڪيو ويو، هنن چيو ته اسان وٽ پي ٽي آءِ جي ڪامياب ٿيل اميدوارن جا پرزائيڊنگ آفيسرن جا جاري ڪيل يارهون ٻارهون فارم صحيحون ۽ اڱوٺا لڳل موجود آهن، هنن چيو ته ان جي باوجود آر اوز جي ملي ڀڳت سان ووٽ خارج ڪري پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو ويو، هنن معاملي جي جاچ جي گهر ڪئي،