شهري جلد اسلام آباد پهچن، اڄوڪو جلسو پي ٽي آءِ جي جنگ نه پر پاڪستان جي مستقبل جي جنگ آهي: وزيراعظم

0
193
اڄوڪو جلسو پي ٽي آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو اسلام آباد ۾ جلسي لاءِ جلد کان جلد وفاقي راڄڌاني پهچن

پنهنجي جاري ڪيل آڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جيڪو جلسو ٿي رهيو آهي اها پي ٽي آءِ جي جنگ نه پر پاڪستان جي مستقبل جي جنگ آهي، اڄ اسان پاڪستان جي تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون

عمران خان چيو ته جلسي ۾ ايندڙ شهرين کي جلدي وڃڻ گهرجي ڇو ته روڊن تي رش هوندو، خدشو آهي ته توهان وقت تي نه پهچي سگهندا

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ اسلام آباد ۾ تاريخي جلسو ڪري رهي آهي، جنهن کي وزيراعظم عمران خان خطاب ڪندو

پريڊ گرائونڊ ۾ اڄ ٿيڻ واري جلسي لاءِ 36 ڪنٽينرن جي مدد سان اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي، مرڪزي قيادت لاءِ خاص ڪنٽينر تيار ڪيو ويو آهي ۽ جلسي لاءِ ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري آهي

ھي به پڙھندا

اليڪشن ڪميشن اڳ ئي نواز سان آهي، هاڻ هو ججز کي پاڻ سان ملائي رهيو آهي: وزير اعظم جو الزام