اليڪشن ڪميشن اڳ ئي نواز سان آهي، هاڻ هو ججز کي پاڻ سان ملائي رهيو آهي: وزير اعظم جو الزام

0
183
اليڪشن ڪميشن اڳ ئي نواز سان آهي
اليڪشن ڪميشن اڳ ئي نواز سان آهي، هاڻ هو ججز کي پاڻ سان ملائي رهيو آهي: وزير اعظم جو الزام

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معمولي ڳالهه آهي، جان به هلي وڃي ته ٽن ڪوئن کي نه ڇڏيندس، نواز شريف پاڪستان اچي آزاد عدليه کي هلڻ نه ڏيندو، اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي ساڻس گڏ آهي. ۽ هاڻي هو سپريم ڪورٽ جي ججن کي پاڻ سان ملائي رهيو آهي

  ڪماليا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم آصف علي زرداري کي سڀ کان وڏي بيماري، شهباز شريف کي چيري بلاسم شريف ۽ فضل الرحمان کي ڊيزل قرار ڏيندي چيو ته مخالف ڌر جو پلان اهو آهي ته هن جي حڪومت ختم ڪري اقتدار ۾ اچي سڀ کان پهرين نيب کي ختم ڪري، هو وزيراعظم رهيو ته سڀ کان پهرين هي جيل ۾ ويندا. مان آصف علي زرداري، فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جو شڪر گذار آهيان جن جون شڪليون ڏسي ناراض پي ٽي آءِ ڪارڪن پارٽي ۾ واپس آيا

وزيراعظم چيو ته لنڊن ۾ ويٺل شخص واپس اچي ته پهرين چئنلز ۾ پيسا هلائيندو، اليڪشن ڪميشن اڳ ۾ ئي وٽس آهي، ان کانپوءِ پاڪستان جي عدليه تي حملو ڪندو، هاڻ کانئي  عدليه کي ورهائي رهيو آهي، هينئر کان ئي سپريم ڪورٽ جي ججز کي پاڻ سان ملائي رهيو آهي، هو آزاد عدليه کي ڪڏهن به هلڻ نه ڏيندو ڇو ته هن کي پنهنجا ڪيس بند ڪرڻا آهن ۽ پوءِ ايندڙ حملو پاڪ فوج تي ٿيندو، هو نواز شريف کي تڏهن کان سڃاڻي ٿو، جڏهن کان هن غريب ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، نواز شريف ڪرڪيٽ به پنهنجا امپائر بيهاري کيڏندو آهي

شهباز شريف تي تنقيد ڪندي عمران خان چيو ته شهباز شريف چيو ته يورپي يونين جي سفير تي تنقيد نه ٿيڻ گهرجي ها، شهباز شريف چوي ٿو ته مون کي ايبسوليٽلي ناٽ  بلڪل نه چوڻ گهرجي ها، جڏهن اسان سندس جنگ ۾ حصو ورتو ته پاڪستان کي ڇا مليو؟ مان ڪڏهن به نه ٿو چوان ته ڪنهن سان پنهنجا لاڳاپا خراب ڪريون، سٺا لاڳاپا ۽ جوتا پالش ڪرڻ ۾ فرق هوندو آهي، شهباز شريف ۽ نواز شريف ٻاهرين قوتن جي غلامي ڪندا ڇو ته سندن چوري جو پيسو ٻاهر آهي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم سياسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪري ورتو