حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نامياري شاعر، نثر نويس، ڊراما نگار ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه رضوي جو نوجوان پٽ سيد پارس شاهه رضوي پراسرار نموني فوت ٿي ويو آهي. 35 سالن جي پارس شاهه رضوي جو لاش حيدرآباد ۾ ڀٽائي ٽائون جي گهر مان هٿ آيو. لاش سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد سندس ڀاءُ سلمان شاهه رضوي جي حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته سيد پارس شاهه نامياري ڪمپيئر ۽ ڊراما نگار سيد ماڪن شاهه رضوي جي پهرين گهرواري مان وڏو پٽ هو جيڪو ڀٽائي ٽائون جي علائقي ۾ ڪرائي جي هڪ جاءِ ۾ رهندڙ هو. فوتي پارس شاهه تعليم کاتي ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪندو هو. کيس هڪ نياڻي جو اولاد به آهي. علائقي واسين موجب سيد پارس شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي گهرواري ۽ نياڻي کي ڪراچي منتقل ڪيو هو ۽ گهر ٽن چئن ڏينهن کان ساندهه بند نظر آيو. علائقي ۾ بدبوءَ ڦهلجڻ کانپوءِ علائقي واسين ڀٽائي نگر پوليس کي اطلاع ڏنو. ڀٽائي نگر پوليس پهچي گهر جو معائنو ڪيو ته پارس شاهه جو لاش فرش تي پيل هو جنهن کي کڻائي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گهر جي مک دروازي جي ننڍي دروازي کي ٻاهر کان تالو لڳل هو. اندران دروازي کي ڪنڍي آيل هئي ۽ ڪمرن جا دروازا کليل هئا. لاش جي پاسي کان ڪرسي به زمين تي ڪريل هئي.