حيدرآباد:  سيد پارس شاهه جي فوتگي جي اطلاع تي سندس ڀاءُ سلمان شاهه ڪراچي مان پهتو. سندس ڀيڻ سحر شاهه به حيدرآباد پهتي. رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته پارس شاهه جي تدفين ملير ۾ ڪئي ويندي. رات دير سان لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. سيد ماڪن شاهه رابطو ڪرڻ تي روئيندو رهيو ۽ هن پٽ جي موت بابت ڪا به ڄاڻ فراهم نه ڪئي ۽ مختلف ڀيرا فون ڪرڻ جي باوجود هو صرف روئيندو ئي رهيو. علائقي واسين موجب سيد ماڪن شاهه جو ساڳئي علائقي ۾ ٻيو گهر به آهي جتي سندس ٻي زال ۽ هن جا ٻار رهندڙ آهن. پوليس ۽ وارثن پاران پارس شاهه جي موت بابت ڪا به حتمي راءِ قائم نه ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري پارس شاهه جو موت پراسرار بڻيل آهي.