شادي بابت ملالا جي بيان تي شوبز شخصيتن جو سخت رد عمل

0
313

لاهور(شوبز نيوز) ملالا جي ان بيان کان پوءِ شوبز جي اهم شخصيتن طرفان ملالا کي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. اداڪار فيروز خان ووگ ميگزين جي فرنٽ پيج کي شيئر ڪندي ملالا کي ڪٺ پتلي قرار ڏنو.رابي پيرزاده ملالا جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڀيڻ مون موسيقي ڇڏي ڏني آهي پر اوهان کي ڏسي نصرت فتح علي خان مرحوم ياد اچي ويو.(کيا سي کيا هوگئي، ديکهتي ديکهتي) هن چيو ته اسان مسلمان اجايون ڳالهيون ناهيون ڪندا. صرف اميد ڪندا آهيون جيڪڏهن دين جو ڪلچر پسند ناهي ته دين جي توهين نه ڪريو. الله اسان سڀني کي هدايت ڏئي.ملالا جي بيان تي اداڪاره آمنه بخاري به انسٽاگرام اسٽوري جي ذريعي رد عمل جو اظهار ڪيو. هن لکيو ته شرم جي ڳالهه آهي. ملالا خانداني نظام جي بنيادي اصولن جي نفي ڪئي جنهن کي اسلام لازمي قرار ڏنو آهي. جنهن جو مان پنهنجي اڳوڻين ڪهاڻين ۾ ذڪر ڪري چڪي آهيان. ملالا يورپ جي هٿن ۾ کيڏندڙ ڪٺ پتلي آهي. ٻئي طرف اداڪار عمران اشرف ٽوئٽراڪائونٽ تي قرآني آيت شيئر ڪندي مداحن کي نڪاح جي اهميت ٻڌائي.