ڪار اڳيان رش ڏسي سهانا روئڻ شروع ڪري ڏنوهو:شاهه رخ

0
273

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته ڪار اڳيان رش ڏسي سهانا روئڻ شروع ڪري ڏنوهو. هڪ انٽرويو ۾ شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو ته منهنجا ٽيئي ٻارڙا هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف رهيا آهن هن چيو ته سهانا ماضي ۾ تمام گهڻي شرميلي هئي، انڪري منهنجو رويو سخت نه رهيو جنهن سبب انهن ۾ اعتماد پيدا ٿيو. هن ٻڌايو ته آريان ڪار اڳيان ماڻهو ڏسي خوفزدا ٿي ويندو هو پر سهانا ته روئڻ شروع ڪري ڏيندي هئي، اڀراهيم هنن ٻنهي کان وري مختلف هو کيس ماڻهن سان ملڻ ۾ خوشي ٿيندي هئي.