سنڌ سرڪار وچن سنڌي سان واعدو وفا نه ڪيو، پگھار به بند

0
357

ٽنڊو ڄام ( ن پ ا) سنڌ جي مشهور فنڪار ۽ جديد شاعري ڳائيندڙ وچن سنڌي سان ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سردار علي شاه واعدو وفا نه ڪيو، صوبائي وزير سردار علي شاهه 2017ع ۾ سنڌ ميوزم ۾ هڪ تقريب دوران وچن سنڌي کي ويلڊر جي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، صوبائي وزير جي اعلان بعد سندس اڳوڻي پي ايس خالد آزاد وچن سنڌي کي پڪي نوڪري ڏيڻ بدران پراجيڪٽ ۾ چوڪيدار رکيو، 36 مهينن جي پگهار کڻڻ بعد وچن سنڌي جي پگهار بند ڪئي وئي آهي، وچن سنڌي کي 26 مهينن جي پگهار ناهي ملي، جنهن سبب سندس مالي حالت خراب ٿي وئي آهي، وچن سنڌي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته کيس ڇھ نياڻين ۽ ٽن پٽن جو اولاد آهي، ثقافت کاتي سندس 26 مهينن کان پگهار بند ڪري ڇڏي آهي، هن چيو سنڌ ميوزيم ۾ هڪ تقريب دوران صوبائي وزير سردار علي شاه کيس نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، پر سندس پي ايس خالد آزاد پڪي نوڪري ڏيڻ بجائي سنڌ ميوزيم ۾ چوڪيدار رکيو، هاڻ پراجيڪٽ ختم ٿي ويو آهي، سردار علي شاه پٽ کي سنڌ ميوزم ۾ چوڪيدار رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي، هن چيو ته لاڪ ڊائون سبب محفلون به نٿيون ٿين جنهن ڪري گهرجو گذر سفر صحيح نموني هلڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، هن سردار علي شاه کي اپيل ڪئي آهي ته سندس پگهار ڏنا وڃن، رابطي ڪرڻ تي صوبائي وزير جي اڳوڻي پي ايس ۽ سنڌي ٻولي بااختيار اداري جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خالد آزاد ٻڌايو ته وچن جي عمر وڏي هجڻ ڪري کيس پڪي نوڪري نه پئي ملي سگهي، هنن وچن کي سنڌ ميوزم ۾ ڪانٽيجنسي تي رکيو هو، هن چيو ته آئون 2018 ۾ ڇڏي آيس، هاڻ خبر ناهي ته ڇو پگهار بند آهي.