سڪرنڊ (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر سڪرنڊ محمد سليم جتوئي جي صدارت ۾ ايريگيشن، ايگريڪلچر ۽ روينيو کاتن جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ مختيار ڪار محمد وسيم لاشاري سميت مختلف آبادگار ڌرين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اي سي محمد سليم جتوئي تعلقي سڪرنڊ اندر سارين جو فصل ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ھدايتون ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران سارين جو فصل پوکڻ تي مڪمل بندش وڌي وئي آھي، آبادگارن کي گهرجي ته فيصلي جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ٽنھي کاتن کي گڏجي آپريشن ڪرڻو آھي ۽ سارين جي پوکي کي ختم ڪرڻو آھي.