قاضي احمد (ن پ ا) پ پ اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ پنھنجو ھڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ڪجهه شرپسند ماڻھو جان محمد مگسي منھنجي خلاف هٿ ٺوڪيو ڪيس ٻئي ضلعي سکر ۾ وڃي داخل ڪرايو ۽ سکر پوليس ساڻ ڪري بنگلي تي چڙھائي ڪئي جيڪو عمل بهتر نه ھو جنھن جي رد عمل ۾ قاضي احمد شھر ۽ ان جي ڀرپاسي جي دوستن سياسي سماجي اڳواڻن شھرين دڪاندارن شھر اندر پنھنجو مڪمل ڪاروبار بند ڪري شٽر بند ھڙتال ڪئي ۽ احتجاجي ريلي ڪڍي مون سان ٿيندڙ ناانصافي تي مون سان ھمدردي جو اظھار ڪيو ۽ ساٿ ڏنو مان سڀني قاضي احمد واسين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، شھرين، دڪاندارن جو انتھائي شڪرگذار ۽ ٿورائتو آھيان. ھن وڌيڪ چيو ته منھنجو اصل کان وٺي ڪاروباري ماڻھن سان واسطو رھيو آھي جھڙوڪ امان الله سومرو آھي جنھن مون سان ڪاروبار ۾ ساٿ ڏنو آھي ۽ اڳتي به ساٿ ڏيندو رھندو جنھن خلاف ڪجهه ماڻھو غلط بياني ڪري رھيا آھن جيڪو عمل جائز ناھي. پر مون کي ان مان ڪا به شڪايت ناھي.