سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس 6 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي پر، گرفتاري نه ٿي سگھي آهي. ورڪشاپ روڊ تي نجي اسپتال سامهون هٿياربندن 3 ڏينهن اڳ فائرنگ ۽ ڪات جا وار ڪري نوجوان نظام الدين جاگيراڻي کي قتل ڪيو ويو هو، جڏهن ته غلام مرتضي جاگيراڻي پنهنجي ٻن پٽن سميت زخمي ٿي پيو، جيڪي علاج هيٺ آهن. واقعي جي ايف آء آر مقتول ناظم جاگيراڻي جي والد ڪنڌرا نئون ڳوٺ جي رهواسي عبدالحفيظ پنج سڃاتل جوابدارن راشد جتوئي، سائينداد، محمد پناهه جتوئي، نبي ڏنو، ذالفقار جتوئي ۽ هڪ نامعلوم ماڻهو خلاف داخل ڪرائي آهي. هن موقف اختيار ڪيو آهي ته سائين داد جتوئي اسان کي ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته توهان قوت علي جاگيراڻي وارن کي سپورٽ ڪري رهيا آهيو، توهان کي سبق سيکارينداسين.