گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي مان هفتو اڳ گهران اغوا ٿي ويل نوجوان بلاول بٽ جو صندوق مان لاش ملڻ بعد پيرسن جاويد بٽ پٽ بلاول بٽ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي ايس پي گهوٽڪي کي هفتي اندر جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ورڪشاپ ڪالوني جي رهواسي جاويد احمد بٽ ٽائيم نيوز آفيس پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته جوابدارن فضل پنجابي، ايان، تعمور،منصور حسن شاه،انور شاه،اعزاز شاه،اسد شاه هفتو اڳ منهنجي پٽ بلاول بٽ کي گهران هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري چار ڏينهن اڳ پٽ بلاول بٽ کي قتل ڪرڻ بعد لاش صندوق ۾ وجهي گهر ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا هئا پر گهوٽڪي پوليس پٽ جي پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل ليٽر نه ڏنو ۽ سول اسپتال گهوٽڪي جي ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم ان ڪري نه ڪيو ته اوهان وٽ پوليس جو ميڊيڪل ليٽر ناهي.