ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ڪشمور کان واپس ايندي 5 ڏينھن اڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل ھيلٿ ملازم سجاد ميراڻي بازياب نه ٿيو. گذريل ڏينھن پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مغوي جي بازيابيءَ لاءِ ڊي ايچ ڪيو اسپتال اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ضلعي جي اسپتالن اندر ٽوڪن ھڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن پيرا ميڊڪ اڳواڻن انعام مڱريو، ذاڪر بوزدار، حفيظ پتافي ۽ ٻين چيو ته ضلعي ۾ ٽوڪن ھڙتال سان گڏ اڄ ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو.