خانواهڻ (ن پ ا) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبد الله راجپوت ۾ ماني دير سان پچائڻ تان جنوني پيءُ عبدالجبار راجپوت پاران پنهنجي 14 ورهين جي غير شادي شده ڌيءُ مقدص راجپوت کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ جو ڪيس مقتول ناري جي چاچي عبدالرحمان راجپوت جي فرياد تي ايف آءِ آر نمبر 95/2021 تحت جوابدار عبدالجبار راجپوت خلاف خانواهڻ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايل جوابدار کي پوليس گذريل ڏينهن ئي گرفتار ڪري ورتو هو، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته ڀائٽي مقدص راجپوت کي سندس پيءُ عبدالجبار راجپوت ماني دير سان پچائڻ تان مڇرجي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، هن گهر ڪئي ته جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي.