جاتي (ن پ ا) 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ گل حسن ٿهيم جي رهواسڻ 5 ورهين جي فهميدان ٿهيم تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيڻ ۽ لاش گهر نيئڻ لاءِ اسپتال انتظاميان پاران ايمبولينس نه ڏيڻ واري خبر پنهنجي اخبار ۾ ڇپجڻ بعد تحريڪ انصاف ويلفيئر ونگ جو مرڪزي اڳواڻ حاجي مظفر شجره ۽ ايڊووڪيٽ ذيشان خواجه،ڪاشف ٿهيم ڳوٺ گل حسن ٿهيم پهچي معصوم نياڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ کين انصاف ڏيارڻ جي يقين دهاني ڪرائي، ان موقعي تي مظفر شجره چيو ته سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جون ڪي به سهولتون نه آهن، جنهن ڪري غريب مسڪين دربدر ٿي رهيا آهن، هن چيو ته معصوم فهميدان ٿهيم ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب فوت ٿي آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن ڊي سي جي نوٽيس بعد ڊي ايچ او سجاول پاران انڪوائري لاءِ مقرر ڪيل ٽيم ڊاڪٽرن مريم خواجه ۽ ڊاڪٽر شگفتا شاهه جي نگراني ۾ تعلقي اسپتال جاتي جي ايم ايس ڊاڪٽر يامين شاهه، الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر عمر ميمڻ سميت اسپتال انتظاميا جا بيان قلم بند ڪيا آهن، جڏهن ته معصوم ٻارڙي جي وارثن کان مقرر ٽيم تفصيل معلوم نه ڪيا آهن.