سکر: خروس برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، نوجوان مارجي ويو

0
204

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ خروس برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان بهادر خروس مارجي ويو

واقعي خلاف وارثن طرفان سٽي پوائنٽ وٽ لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو، ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جوابدار فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ٻئي پاسي ڏهرڪي ويجهو نوجوان نياز سولنگي هٿياربندن هٿان مبينا طور اغوا ٿي ويو، سندس موٽرسائيڪل فصل مان هٿ آئي آھي

وارثن الزام هنيو آهي ته زمين جي مالڪي تان برادري جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ آهي، نوجوان دوا وٺڻ لاءِ ويو ته کيس اغوا ڪيو ويو، نوٽيس ورتو وڃي

ڪوٽڙي جي سڪندر آباد واري علائقي مان 40 ورهين جي عابد ٻوڪ جو گهر اندران ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آھي

پوليس اطلاع تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال پهچايو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو پوليس جا 3 مبينا مقابلا،  3 ڄڻا هاف فراءِ، اسپتال منتقل

ڪشمور: ڌاڙيلن طرفان مغوي ٽرڪ ڊرائيور جي وڊيو وائرل