لاڙڪاڻو پوليس جا 3 مبينا مقابلا،  3 ڄڻا هاف فراءِ، اسپتال منتقل

0
199
شهدادڪوٽ: بلوچستان واري علائقي ۾ صادق آباد واسي نوجوان قتل
شهدادڪوٽ: بلوچستان واري علائقي ۾ صادق آباد واسي نوجوان قتل

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس جا 3 مبينا مقابلا،  3 ڄڻا هاف فراءِ ٿي ويا، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس پاران باڊھ ٿاڻي جي حد ۾ احمد علي ڪانڌڙو، باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ محسن لاشاري  ۽ دڙِي ٿاڻي جي حد ۾ ارشاد لاشاري  کي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي

پوليس موجب جوابدارن کي مقابلن دوران  زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويوآهي، سمورن گرفتار جوابدارن تي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي سنگين ڏوهن جا ڪيس داخل آھن
ذريعن موجب سيهڙ ٿاڻي جي پوليس جوابدارن کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو، گرفتار ڪيل جوابدار شهمير ڪانڌڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد آهن