ڪشمور: ڌاڙيلن طرفان مغوي ٽرڪ ڊرائيور جي وڊيو وائرل

0
245
ڪشمور: ڌاڙيلن طرفان

مدئجي / ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) ڪشمور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل مدئجي واسي ٽرڪ ڊرائيور نصير بروهي جي وڊيو ڌاڙيلن سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي

وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو  ڊرائيور نصير بروهي زنجيرن سان ٻڌل آهي ۽ چوي ٿو ته مون کي گولي لڳل آهي، دوا دارون ناهي، درد پيو ٿئي، ايس پي اچ منهنجي جان ڇڏرائي

ٻئي پاسي ڪنڌ ڪوٽ ۾ اغوا ٿيل مغوي جي بازيابي لاءِ بروهي برادري جي ماڻهن پاران انڊس ھاوي تي ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي سبب گاڏين جو قطاريون لڳي ويون