روهڙي (ن پ ا ) روهڙي ٿاڻي جي حد مان سکر بئراج جي گيٽ نمبر 50 مان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو آهي، پوليس ايڌي ايمبولنس ذريعي لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي آندو،پوسٽ مارٽم بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويو،، ايڌي سينٽر انچارج گل مھر مطابق لاش ھڪ ھفتي کان وڌيڪ پراڻو آهي، جنھن کي وڌيڪ رکي نٿو سگهي ان ڪري غسل ڪفن ڏئي جنازي نماز ادا ڪري ۽ فوتي جو لاش دفن ڪيو ويو آهي.