سنجهورو ( ن پ ا ) سنجهوري ويجهو ڊپٽي ڳوٺ ۾ زميندار زين صاحب جي زمين تي ويٺل هارين مٿان تشدد جو هڪ ٻيو واقعو سامهون آيو آھي، بااثر زميندار جي ڪمدار هارياڻي کي زمين مان گاهه لڻڻ تي کيس مبينا تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو آهي، ان حوالي سان تشدد ۽ تذليل جو شڪار هارياڻي سرما زال گڻيشو ڀيل روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته زميندار زين صاحب جا هاري آهيون ۽ سندس زمين تي ئي ويٺل آهيون ۽ هاري هجڻ جي حيثيت ۾ زمين تان گاهه پٺو به لڻيندا آهيون پر اڄ جيئن زمين تان گاهه لڻي رهي هئس ته اوچتو ڪمدار نورل لنڊ آيو ۽ اچڻ شرط گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، جڏهن مون گاريون ڏيڻ کان منع ڪئي ته مونکي وارن کي جهلي ڪيرائي وڌو، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لاهي ڏنو ۽ وارن مان جهلي گهليندو تذليل جو نشانو بڻائيندو رهيو. تشدد جي شڪار هارياڻي سرما جو چوڻ ھو ته اسان ڪمدار نورل لنڊ طرفان تشدد ۽ تذليل بابت زميندار زين صاحب کي شڪايت پڻ ڪئي پر هن ڪو به تدارڪ نه ڪيو. تشدد جي شڪار سرما ڀيل جي وارثن ۽ مائٽن سنجهوري ٿاڻي تي فرياد داخل ڪرائڻ بعد ڪمدار نورل لنڊ جي گرفتاري لاءِ ميڊيا آڏو احتجاج پڻ ڪيو، هوڏانهن سنجهورو پوليس هارياڻي جي فرياد تي ڪمدار جي گهر تي ڇاپو هنيو پر ڪمدار نورل لنڊ جي گهر ۾ عدم موجودگي ۾ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو.