ڄامشورو (رپورٽ: زوهيب سولنگي)سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران بحريا ٽائون جي والار ۽ سنڌي ڳوٺ ڊاهڻ خلاف اعلانيل 6 جون واري ڌرڻي جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن، نا انصافين خلاف گڏيل قومن جي اداري ۽ ٻين ملڪن جي سفارتڪارن کي اڄ لکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۾ شامل قومپرست، سياسي، سماجي ادبي تنظيمن ۽ اديبن، دانشورن ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جو سربراهي اجلاس جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي سنڌ بچايو ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، عوامي تحريڪ جي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر ڪرم وساڻ، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اسلم خيرپوري، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ محمد علي خشڪ، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري احمد سولنگي، انڊيجينئس ڪاميٽي جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، سھيل ڄاموٽ، گل حسن ڪلمتي، روشن ٻرڙو، پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق ميراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، سيد زين شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ غور ويچار بعد فيصلو ڪيو ويو ته 6 جون کانپوءِ به بحريا ٽائون سميت جن به پراجيڪٽس جي ذريعي ۽ ڪرپشن وسيلي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آھي ان خلاف مزاحمتي تحريڪ جاري رھندي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار ۽ آصف زرداري کي قبضن جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ويو ته بحريا ٽائون سميت سنڌ جي زمينن کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري رھيا آھن. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي روينيو عملدارن خاص طور تي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو، ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ٺٽو کي زميوار قرار ڏنو ويو جيڪي زمينن جي وڪري ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آھن. وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بحريا سميت ميگاپراجيڪٽ جي ذريعي نيب جي انڪوائري ۾ جن سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس کي ملوث قرار ڏنو ويو آھي انھن خلاف فوري انڪوائريون پڌريون ڪيون وڃن ۽ ملوث سرڪاري عملدارن ۽ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪري عدالت جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته سفارتي ڪاميٽي تحت لکيل خط اڄ ڇنڇر ڏينهن يونائيٽيد نيشن ۽ ٻين سفارتڪارن ڏانھن روانو ڪيو ويندو. عدالتي محاذ تي وڪيلن جي ڪاميٽي تي اطمينان جو اظھار ڪيو ويو. اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي قيادت کي مٿان فورٿ شيڊيول ۾ رکڻ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته پرامن سايسي جدوجھد ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کي ھراسان ڪرڻ، سندن گهرن تي چڙهايون ڪري گرفتار ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ڪلفٽن تي آئيڪون ٽاور تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سڄي سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي وئي ته لکن جي تعداد ۾ بنا تفريق جي 6 جون تي پنھنجي ذميواري سمجھي ڌرتي جي حفاظت خاطر بحريا ٽائون تي گڏ تي پنھنجو قومي شعور ۽ اجتماعي طاقت جو مظاھرو ڪيو وڃي. اجلاس کان پوءِ جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، صنعان قريشي، رياض چانڊيو، ڪرم وساڻ، اسلم خيرپوري، مسرور شاهه، محمد علي خشڪ، احمد سولنگي ۽ ٻين پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته جنهن ڏينهن کان 6 جون واري ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي ان ڏينهن کان اسان جي ڪارڪنن ۽ همدردن خلاف انتظامي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن گهرن تي چڙهاين، گرفتارين ۽ فون تي حراسان ڪرڻ سوڌو ٻيا مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، جنهن عمل جي سخت لفظن جي مذمت ڪيون ٿا، 6 جون واري احتجاجي ڌرڻي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا لکين ماڻهو شريڪ ٿيندا، ڌرڻي واري هنڌ جلسو منجهند جو 12 وڳي شروع ٿيندو جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جا ذميوار خود دانهون ڪندڙ پ پ پ وارا آهن ، 1991 پاڻي ٺاهه کي نه مڃيندڙ هاڻي خود ان ٺاهه تحت پاڻي جي گهر ڪري رهيا آهن، جيڪو سندن عمل ڊراميبازي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ کي زرداري ۽ عمران خان تباهه ۽ برباد ڪيو آهي، اسان جي احتجاج جي 6 جون واري احتجاج جي اعلان کان پوءِ اسان جي ڪارڪنن کي مختلف طريقن سان پريشان ڪيو پيو وڃي، ڪشمور کان ڪراچي تائين ڪنهن به قافلي کي روڪيو ويو ته اتي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ پوءِ سڄي سنڌ بند ڪري ڇڏينداسين. رياض چانڊيي چيو ته 6 جون وارو احتجاج پنهنجا ڳوٺ، ماڳ مڪان بچائڻ لاءِ آهي، صنعان خان قريشي چيو ته 6 جون وارو ڌرڻو اسان سنڌين جي بقا جي لاءِ آهي ان ۾ سنڌي قوم بنا ڪنهن فرق جي شريڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت پيش ڪري، ٻي صورت ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.