پيرجوڳوٺ/ صدر جي ڀٽيون (نمائندن وٽان) برادي جتوئي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ٽن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته وقار سولنگي، ڌڻي بخش ابڙو ۽ علي ڏنو ابڙو گلو سيال جي حد مان ڏوهه ڪري ڪچي جي طرف وڃي رهيا هئا ته مقابلي ٿي پيو جنهن ۾ ٽئي ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور پيرجوڳوٺ پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڳوٺ قادن سولنگي مان چوري ٿي پوليس پيرا کڻي وڃي رھي ھئي ته سنڌو درياھ جي ڪپ تي سيد نادر شاھ جي نرين وٽ ھٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ دوران ڏوھاري وقار سولنگي، علي ڏنو ابڙو ۽ ڌڻي بخش ابڙو مارجي ويا، ايس ايس پي خيرپور موجب مارجي ويل ڏوهارين تي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن ۽ پيرڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهن.ٻين ضلعن جي ٿاڻن تان به مارجي ويل ڏوهارين جو جو ڪرمنل رڪارڊ بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.مارجي ويل مبينا ڏوهارين جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال آندا ويا جن کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شهري پڻ پھتا. وقار سولنگي جي سڃاڻپ پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ قادن سولنگي، جڏهن ته ڌڻي بخش ابڙو ۽ علي ڏنو ابڙو جي لاڙڪاڻو لڳ پنجوديرو جي رھواسين طور سڃاڻپ ڪئي وئي. ٻئي طرف علي ڏنو ابڙو جو لاش سندس ماءُ روشن خاتون ۽ ڌڻي بخش ابڙو جو لاش سندس امڙ عزرا ابڙو وصول ڪيو، جڏهن وقار سولنگي جو لاش سندس ڀيڻ روبينا سولنگي وصول ڪيو.