ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ جي جون کان ڊسمبر 2020ع تائين 7 مهينن جي فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز جي درخواستن تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو . نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 4 مهينن لاءِ ٽيرف ۾ اضافو ۽ 3 مهينن لاءِ گھٽتائي ڪئي وئي آهي. نيپرا جو چوڻ آهي ته جون 2020ع جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 75 پئسا في يونٽ گھٽتائي ڪئي وئي، جڏهن ته جولاءِ جي چارجز جي مد ۾ 73 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو. آگسٽ جي چارجز جي مد ۾ 31 ۽ سيپٽمبر 2020 ۾ 71 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو. آڪٽوبر ۾ چارجز جي مد ۾ 3 پئسا ۽ نومبر ۾ هڪ رپيو ۽ 10 پئسا في يونٽ گھٽتائي ڪئي وئي. نيپرا موجب ڊسمبر جي چارجز جي مد ۾ 50 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو، جون، جولاءِ، آگسٽ ۽ آڪٽوبر 2020ع جي چارجز کي جون 2021ع واري بِل ۾ لاڳو ڪيو ويندو. اهڙي طرح سيپٽمبر، نومبر ۽ ڊسمبر 2020 جي فيول چارجز کي جولاءِ 2021ع جي بِل ۾ لاڳو ڪيو ويندو . نيپرا اختيارين موجب ته 7 مهينن جي ايڊجسٽمينٽ مان صارفين تي هڪ ارب 5 ڪروڙ رپين جو بار پوندو.