اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي پاران پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو ڪالهه اجلاس ٿيڻو هو، سپريم ڪورٽ پاران چونڊن جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن پنهنجو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن صدر جي حڪمن بابت هاڻ پاڻ فيصلو نه ڪندو، اليڪشن ڪميشن صدارتي حڪمن تي پنهنجو موقف سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندو. واضح رهي ته صدر علوي ٻنهي صوبن ۾ چونڊن لاءِ 9 اپريل جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو. جنهن تي اليڪشن ڪميشن اٽارني جنرل سان مشاورت مڪمل ڪئي هئي، اٽارني جنرل راءِ ڏني هئي ته صدر کي صوبائي چونڊن جي تاريخ ڏِيڻ جو اختيار ناهي ان بابت ڪالهه اجلاس ٿيڻو هو.