اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف ملڪيتن بابت ريفرنس جوڊيشل ڪائونسل ۾ داخل ڪيو ويو، وڪيل ميان دائود ريفرنس سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ جمع ڪرايو، ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج ۽ ان جي گهر ڀاتين جي ملڪيتن بابت جاچ ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. ريفرنس ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي اثاثن جي جاچ ڪري. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جا اثاثا 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي ماليت جا آهن. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جو فيڊرل ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ ڪنال جو پلاٽ آهي. ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جو سپريم ڪورٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ هڪ ڪنال جو پلاٽ آهي. گلبرگ ٿري لاهور ۾ به پلاٽن جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث آهي. سينٽ جون پارڪ لاهور ۾ هڪ پلاٽ آهي. اثاثن ۾ گوجرانوالا الائيڊ پارڪ ۾ ظاهر نه ڪيل پلازه به شامل آهي. ريفرنس ۾ الزام هڻندي چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي ۽ سندس گهر ڀاتي اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ ۾ ملوث آهن، جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي عهدي جو استعمال ڪندي پنهنجي پٽن ۽ ڌيءُ کي نوازيو، فيوچر هولڊنگز جي مالڪ کان پنهنجي ٻارن جي پرڏيهه تعليم جو خرچ ادا ڪرايو، جسٽس نقوي زاهد رفيق جي ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرايو، جسٽس مظاهري نقوي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان پنهنجي تعلقاتن جو کلي عام اظهار ڪندو آهي.