اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پوليس آفيسر غلام محمود ڊوگر جون خدمتون پنجاب حوالي ڪري ڇڏيون، سپريم ڪورٽ غلام محمود ڊوگر کي سي سي پي او لاهور جي عهدي تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، غلام محمود ڊوگر کي 23 جنوري تي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، نگران حڪومت سندس جاءِ تي بلال صديق کي سي سي پي او لاهور مقرر ڪيو هو، ڊوگر پنهنجي برطرفي جو وفاقي حڪومت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو.